”ذاڪر سهتي کي آزاد ڪريو“ نوابشاهه ۾ بک هڙتال

نوابشاھ(ڊ،ر)ڪراچي مان جبري طور کنڀي گم ڪيل شاگرد اڳواڻ ذاڪر سھتو جي بازيابي لاءِ جسقم، جساف ۽ وارثن پاران 44ھين ڏينهن به سرفراز ميمڻ، علي رضا خاصخيلي، سندس ڀاءُ ايڊووڪيٽ صابر سھتو، رضا سھتو، دودو سيال، فراز عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران علامتي  بک هڙتال ڪندي چيو ته شاگرد اڳواڻ ذاڪر سھتو کي 44 ڏينھن گذريا ويا آھن جنھن کي ھن وقت تائين ظاھر نه ڪيو ويو آهي، ھنن چيو ته جبري طور کنڀي گم ڪيل شاگرد اڳواڻ ذاڪر سھتو ھڪ پرامن شاگرد آھي جيڪو ڪنھن به غير قانوني سرگرمي ۾ ملوث ناھي جيڪڏھن مٿس ڪو ڪيس داخل آھي ته قانون مطابق ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.