نئون ڳوٺ لڳ هٿيارن جي زور تي ڊرائيور يرغمال، گاڏي ڦر

نئون ڳوٺ ( ن ع آ ) درگاھ سعدي موساڻي تان ڪرائي تي ٽيڪسي ڪندڙ مسافر عورت ۽ مرد ڦورو نڪتا ٿرڙي محبت ٿاڻي جي حد بريداري  لڳ لنڪ روڊ تي اڳ انتظار ۾ بيٺل ساٿين سان گڏ ڊرائيور امداد سولنگي کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال ڪري گاڏي ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، اھڙو اطلاع ٽيڪسي مالڪ اصغر چانڊيو کي ڏنو رابطي ڪرڻ تي ٽيڪسي ڊرائيور امداد سولنگي ٻڌايو ته سعدي موساڻي تان ھڪ عورت ۽ مرد ٽيڪسي بريداري اسٽاپ لاءِ ڪرائي تي ڪاھي ويا جن بريداري لڳ لنڪ روڊ تي اڳ تاڙ ۾ بيٺل ساٿين ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار چار ڄڻا ڪار جي اڳيان سوڙھ ڪئي جنهن تي ڪار ۾ ويٺل مرد ۽ عورت چيو اسان کي اتي لاھ اسان جا ماڻھون آھن، انھن سان وينداسين جيئن مون گاڏي بيھاري ته انھن ھٿيار سڌا ڪري مون کي ڪار مان لاھي موبائيل فون ڦري گاڏي ڪاھي فرار ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.