قمبر ۾ ڪورونا ويڪسين جي آڙ ۾ پوليس جي عوام کان ڦرلٽ

نصيرآباد (ت ر) بھرام لڳ سم شاخ تي لڳل پوليس چوڪي جي اھلڪارن پاران ڪورونا ويڪسين جي آڙ ۾ ايندڙ ويندڙ مسافرن جي  تذليل ڪرڻ لڳا ڪورونا ويڪسين نٿا ڪرايو تـ پيسا ڏيو پوء اڳتي وڃڻ ڏينداسين اوھان پوليس اھڪارن پاران رشوت جي بازار کي گرم ڪري ڇڏيو سينيئر نائب صدر تعلقا پريس ڪلب نصيرآباد رپورٽرروزاني عوامي آواز بشيراحمد بروھي جي پڇا ڪرڻ تي پوليس اھلڪار ڏمرجي پيا سينيئرصحافي سان بدتميزي ڌڪا ڏئي گارگند پڻ ڪيائون ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڌمڪي پڻ ڏنائون ، صحافي بشير بروهي چيو ته پنھنجي عزيزسان شھدادڪوٽ وڃي رھيو ھيس بھرام چوڪي تي پھتاسين تـ اتي اڳواٽ ئي پوليس اھلڪارن ڪيترن ئي گاڏين کي روڪي انھن کان پيسا وٺي کين ڇڏي رھيا ھيا اسان کي روڪي ڪوروناويڪسين بابت پڇاڻو ڪري چيائون تـ ياتـ ويڪسين ڪرايو يا في ماڻھون 5سئو روپيا ڏيو پوء اوھان اڳتي وڃي سگھو ٿا مون کين چيو تـ توھان ڪھڙي قانون تحت عوام کان ڪورونا ويڪسين جي آڙ ۾ پيسا ڦري رھيا آھيو ته چوڪي انچارج ۽ سندس اھڪار ڏمرجي پيا ۽ مون کي گھٽ وڌ ڳالھائيندا رھيا مون پنھنجو تعارف ڪرايو ان باوجود مون سان گھٽ وڌ ڳالھائيندا رھيا آءِ  ايس ايس پي قمبر سميت ڊي آء جي لاڙڪاڻو کي گذارش ڪريان ٿو تـ  اھڙن عوام آزار  اھلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.