اوٻاڙي ڀرسان پراڻي تڪرار تان ڳوٺ تي هلان، نوجوان مارجي ويو، 4 زخمي

اوٻاوڙو (ن ع آ) اوٻاوڙو ڀر رانوتي جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ محبوب سيلرو ۾ شر ۽ سيلرا تڪرار ٻيھر ڪر کنيو شر برادري جي 10 کان وڌيڪ  ھٿياربندن ڳوٺ تي چڙهائي ڪري فائرنگ ڪري نوجوان شفيع محمد سيلرو ٿڏي قتل ڪري ڇڏيو.  سيلرا برادري جي مدد لاءِ پھتل ڌونڌو برادري جي ٻن ڄڻن عبدالستار ڌونڌو، شھزادو ڌونڌو ۽ قربان سيلرو ۽ سانوڻ سيلرو گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا، مارجي ويل جو لاش ۽ زخمين کي وارثن کڻائي اوٻاوڙو اسپتال آندو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏئي نازڪ حالت ۾رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال ۾ موجود شير محمد سيلرو، عبدالخالق سيلرو ۽ ٻين ٻڌايو ته شر برادري جي ھٿياربندن جديد ھٿياربندن ڳوٺ مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ ھڪ نوجوان مارجي ويو ۽ چار ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن شر برادري جي هٿياربندن بلا جواز حملو ڪري ظلم ڪيو آهيرانوتي پوليس رابطي تي ٻڌايو ته اطلاع تي واقعي واري هنڌ پھتا آھيون، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي، ٻئي پاسي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.