اي اين ايف جون ڪارروايون،85 ڪلوچرس ۽ 8 ڪلو هيروئن هٿ

ڪراچي(رپورٽر) اينٽي نارڪوٽڪس فورس جون مختلف شهرن ۾ ڪارروايون، 85 ڪلو چرس ۽ 8 ڪلو هيروئن هٿ، 5 جوابدار گرفتار،  اينٽي نارڪوٽڪس فورس ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ ڪارروايون ڪيون. ترجمان موجب ڪاررواين دوران هڪ ڪار ۽ هڪ رڪشا مان 85 ڪلو چرس ۽ 8 ڪلو هيروئن هٿ ڪئي وئي، ٻنهي گاڏين کي به تحويل ۾ ورتو ويو جڏهن جوابدار عمران علي، مصري خان، شوڪت علي شاهه، محسن ۽ معيز خان کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.