شاهه فيصل ڪالوني ۾ شهري آپگهات ڪري ڇڏيو

ڪراچي  ( اي پي پي) ڪراچي جي شاهه فيصل ڪالوني ۾ 48 ورهين جي اسلم شهباز پٽ شبير حسين زندگيءَ کان بيزار ٿي گهر اندر  ڳچيءَ ۾ ڦاهو وجهي آپگهات ڪري ڇڏيو، اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف سرجاڻي ٽائون ٿاڻي ڀرسان نامعلوم هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ 23 ورهين جو سليم پٽ حيدر گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو .

ڀارتي فوجين هٿان وڌيڪ 4 ڪشميري نوجوان شهيد

سرينگر (م ڊ) غيرقانوني طور ڀارت جي قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين پنهنجي رياستي دهشتگردي جي تازي ڪارروائي دوران اڱاري ڏينهن بارهمولا ضلعي ۾ وڌيڪ 4 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي، ڪشمير ميڊيا سروس مطابق نوجوانن کي فوجين ضلعي جي اوڙي واري علائقي گهولف ۾ سرچ ۽ گهيراءَ واري پرتشدد ڪارروائي دوران شهيد ڪيو هوڏانهن  ڄمون ڪشمير ۾ وڏي تعداد ۾ ڪشميرين پلوامه ضلعي ۾ پابندين باوجود گهرن مان نڪري ڀارتي رياستي دهشتگردي خلاف زبردست احتجاجي مظاهرا ڪيا.

سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 18 مريض فوت ، 554 نوان ڪيس

ڪراچي (رپورٽر) گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 18 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 7379 ٿي ويو آهي جڏهن ته 14781 ٽيسٽون ڪرائڻ سان  554 نوان ڪيس سامهون آيا، اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو، هن  چيو ته هن وقت 21122 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 20634 گهرن ۾، 35 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 453 مختلف اسپتالن ۾ آهن.

ٻن سالن ۾ فلائي اوور ۽ انڊر پاسز به ٺهي نه سگهنديون: اويس قادر

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير اويس قادر شاهه چيو آهي ته ڪراچي سرڪلر ريلوي جي نه فزيبلٽي ٺهي آهي نه وري ڪو اڀياس ٿيو آهي، هنن چيو ته 2 سالن ۾ فلائي اوور ۽ انڊر پاسز به مڪمل نه ٿي سگهنديون. ٻي طرف ريلوي جي ذريعن انڪشاف ڪيو هو ته ڪراچي نيو سرڪلر ريلوي ڪو نئون منصوبو نه پر اهو ئي منصوبو آهي جيڪو اڳوڻي ريلوي واري وزير جوڙيو هو.

مون سان اسٽيبلشمينٽ سدائين سهڪار ڪيو: خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته منهنجي وزارت دوران اسٽيبلشمينٽ هميشه سهڪار ڪيو، ادارن وچ ۾ ڪو به ٽڪراءُ نه هو،مارشلا  شخصيتن جي ٽڪراءَ سبب لڳيون، عدليه، پارليامينٽ، ميڊيا سميت سمورا ادارا دائري ۾ رهي ڪم ڪن، هم نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪنٽونمينٽ بورڊ چونڊون شفاف ٿيون،هر پولنگ تي ويس، ڪا به مداخلت نظر نه آئي، حڪومت هاڻي وري آءِ ايم ايف ڏانهن وڃي رهي آهي، هن چيو ته اسان صاف شفاف چونڊون چاهيون ٿا،

پاڪستان پاران افغان فوج جي نئين سر جوڙجڪ لاءِ مشروط آڇ

ڪابل(م ڊ ) پاڪستان پاران افغان فوج جي نئين سرجوڙجڪ لاءِ مشروط آڇ ڪئي وئي آهي، بي بي سي موجب آءِ ايس آءِ سربراهه ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جي  دوري دوران معاملي تي ڳالهه ٻولهه به  ٿي ٿي هئي،پاڪستاني فوج جي هڪ سينيئر آفيسر بي بي سي کي ٻڌايو ته اها پيشڪشن پاڪستان پاران موجوده افغان حڪومت کي تسليم ڪرڻ سان مشروط آهي. ان جو اڃا تائين ڪو روٽ ميٽ ناهي مليو. پاڪستان پهرين واضع ڪري چڪو آهي ته دنيا جا ملڪ افغانستان ۾ طالبان کي تسليم ڪن. ذريعن اهو به واضع ڪيو ته افغانستان کي ڪنهن به ٻاهرين طاقت کان خطرو ناهي. افغان فورس جي تربيت لاءِ درخواست ڪئي وئي ته حڪومت فيصلو ڪندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.