ڇاڇري ڀرسان جيءُ جهوريندڙ واقعو، پيءُ ٽن معصوم پٽن سميت آپگهات ڪري ڇڏيو

ڇاڇرو (رپورٽ: يعقوب بجير) ڇاڇرو ڀرسان هانءُ ڏاريندڙ واقعو، بي رحم جنوني پيءُ پنهنجي ٽن معصوم جگر جي ٽُڪڙن کي کوھ ۾ اڇلائي پاڻ به ٽپو ڏئي مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو، اطلاع تي ڇاڇرو پوليس واقعي واري  هنڌ پهچي چار ئي لاش کوھ مان ڪڍرائي تعلقا اسپتال ڇاڇرو آندا جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. افسوسناڪ واقعي سبب علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇائنجي وئي آهي،   ڪالهه ڇاڇرو ڀرسان ڳوٺ دونٻاڙو ۾ 27 ورهين جي ڳوٺاڻي نول پٽ راڻو ميگھواڙ پنهنجن ٽن معصوم پٽن کي بيرحمي سان گهرن ويجهو کوھ ۾ اڇلائي پاڻ به مبينا طور کوھ ۾ ٽپو ڏئي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، اطلاع تي ڇاڇرو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي پيءُ سميت ٽن معصوم بارڙن جا لاش کوهه مان ڪڍرائي ڇاڇرو تعلقه اسپتال آندا، پوليس موجب ته کوهه ۾ اڇلايل ٽئي ٻارڙا معصوم هئا هڪ جو نالو مدن جنهن جي عمر 4 سال آهي،  ٻئي جو نالو ڪلديپ 3 سالن جو ۽ سديل جنهن جي عمر صرف  4 مهينا آهي. ايس ايڇ او  ڇاڇرو سليم سمون سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي وقت قيامت جهڙا منظر هو، ڳوٺاڻن ۾ خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو، اسان پڇا ڪئي جتي ڪجھه ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته نوجوان پاڻ گهرو اڻبڻت تان اهڙو قدم کنيو ويو آهي، سندس ويجها رشتيدار نوجوان جو ذهني توازن درست نه هئڻ جو سبب بڌائين ٿا، جڏهن ته اسان هر رخ کان معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد حقيقت سامهون اچي ويندي. ٻئي پاسي ڏکوئيندڙ خبر علائقي ۾ باھ جيان پکڙجي وئي،  ڀرپاسي جي ڳوٺن جا ماڻهون به وڏي انگ ۾ واقعي واري هنڌ پهچي ويا هئا، سموري علائقي ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي، ٿر ۾ مبينا آپگهات جي واقعن ۾ رڪارڊ اضافو ٿيڻ ڪري علائقي واسين پاران واقعن جي پيرائتي جاچ ڪري واقعن جا سبب ڳولي روڪٿام لاءِ اپاءَ وٺڻ جي اپيل پڻ ڪئي وئي.، ٻي طرف وزیراعلىٰ سنڌ جي انساني حقن بابت خصوصي معاون سريندر ولاسائي واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، سريندر ولاسائي چيو آهي ته ابتدائي رپورٽ ۾ واقعي جا ڪارڻ مهانگائي ۽ بيروزگاري ٻُڌايا پيا وڃن،اگر هن خودڪشي جي معاملي پويان ڪارڻ مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي ته پوءِ هي المناڪ واقعو هر پاڪستاني لاءِ لمحه فڪريه هجڻ گهرجي، سليڪٽڊ حڪومت جي غلط معاشي پاليسين سبب هاڻي پاڪستاني پنهنجن ٻچن سميت خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن، هن چيو ته واقعي جا اصل ڪارڻ عوام جي سامهون اچڻ گهرجن، پوليس مڪمل تحقيقات ڪري رپورٽ ڏي.

لاڙڪاڻي ۾ پورهيت آپگهات ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي الهه آباد کوسا گهٽي ۾ رڪشو هلائيندڙ پورهيت ٻن ٻارن جي پيءُ آصف علي چنو بجلي جي تار ٽيئر سان  ٻڌي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي جنهن جو لاش لڙڪندي ڏسي گهر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا جن لاش کي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن پاران نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو جنهن تي خودڪشي ڪندڙ نوجوان جون عورتون ۽ مرد لاش مٿان روئيندا پڻ رهيا، ان موقعي تي خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي سئوٽ وسيم علي چنو ٻڌايو ته ڪجهه مهينن کان سئوٽ جي گهر واري نگينه معمولي ڳالهين تان ناراض ٿي پيڪين ويندي هئي ۽ ڪيترائي ڀيرا هن پنهنجي ساهرن سان جهيڙا به ڪيا الزام هيٺ آيل خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي گهر واري نگينه الزام لڳائيندي ٻڌايو ته مسلسل مڙس کي سندس گهر ڀاتي ورغلائي چوندو هو ته پنهنجي گهر واري کي ڪارو ڪر جيڪا ڳالهه منهنجي مڙس نه مڃي ان بعد منهنجا ساهرا مون کي مختلف طريقن سان تنگ ڪندا هئا جنهن ڪري آءُ پنهنجي والدين جي گهر وڃي رهائش اختيار ڪئي اڄ خبر پئي ته مڙس ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي آهي.

ننگرپارڪر ۾ نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي

ننگرپارڪر (ن ع آ) ٿرپارڪر ۾ نوجوان  آپگهات ڪري ڇڏيو. گذريل 48 ڪلاڪن ۾ ٿرپارڪر ۾ آپگهات ڪندڙن جو انگ 5 ٿي ويو آهي. ٿرپارڪر جي ڀرپاسي واري  ڳوٺ رامسر ۾  27 سالن جي مانسنگهه ڪولهي مبينه طور آپگهات ڪري ڇڏيو. نوجوان جو لاش ڳوٺ ويجهو وڻ ۾ ٽنگيل حالت ۾ مليو آهي، پوليس قانوني ڪارروائي لاءِ لاش اسپتال منتقل ڪيو ۽ پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو جڏهن ته آپگهات جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، پوليس وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.