ميرٽ تي ڪيس هليو ته شهبازشريف 25 سالن لاءِ جيل وڃي سگهي ٿو: وفاقي سرڪار

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي وزير اطلاعات فواد چوڌري چيو آهي ته جيڪڏهن ميرٽ جي بنياد تي  روزانو ڪيس هليو ته شهبازشريف ايندڙ 6 مهينن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 25 سالن لاءِ جيل وڃي سگهي ٿو، هاڻي روڊ ماضي کان 10،10 ڪروڙ سستا بڻجي رهيا آهن، عوام شريف خاندان کان پاڪستان جي پئسن جي وصولي چاهي ٿو، برطانوي عدالت جي فيصلي تي مس، فيڪ رپورٽنگ ڪرڻ وڏو مسئلو آهي، هوڏانهن وزيراعظم جي ترجمان ۽ سياسي معاملن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته برطانيا ۾ شهباز شريف خلاف ڪو به ڪيس نه هو ۽ نه ئي هو ڪنهن عدالت مان آزاد ٿيو آهي، برطانوي نيشنل ڪرائيم ايجنسي پاران سلمان شهباز جي منجمند ڪيل اڪائونٽن کي بحال ڪيو ويو آهي، شهباز شريف ۽ سندس ڪٽنب کي 28 ارب رپين جون جعلي ٽي ٽيز جون رسيدون ڏيڻيون پونديون، اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هن چيو ته برطانوي بئنڪ سلمان شهباز جي شڪي ٽرانزيڪشن کان برطانيا جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي کي آگاهه ڪيو، اين سي اي ان شڪي ٽرانزيڪشن جي انويسٽيگيشن بابت برطانوي عدالت کي آگاه ڪيو جنهن کان پوءِ سلمان شهباز جا اڪائونٽ 12 مهينن لاءِ منجمند ڪيا ويا، اهو چيو پيو وڃي ته شهباز شريف برطانيه ۾ مني لانڊرنگ جي ڪيس مان آزاد ٿي رهيو آهي جيڪو غلط آهي، هن چيو ته هڪ چينل تي ڪوڙي خبر هلائي وئي آهي ان چينل جو برطانيه ۾ نمائندو شهباز شريف ساڄو هٿ آهي، ان چينل جي مالڪن کي پڻ ان باري ۾ سوچڻ گهرجي، ٻئي پاسي گهرو معاملن ۽ احتساب بابت مشير شهزاد اڪبر چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف خلاف پاڪستان ۾ مني لانڊرنگ جا ڪيس آهن جڏهن ته سندس خلاف برطانيه ۾ ڪو به ڪيس نه هو، ميڊيا ۾ ڪيسن مان سندس بريت جو تاثر درست ناهي هن چيو ته شهباز شريف خلاف 7 ارب رپين جي مني لانڊرنگ جو ڪيس احتساب عدالت لاهور ۾ شنوائي هيٺ آهي جنهن ۾ 12 گواهه عدالت ۾ پيش ٿي چڪا آهن باقي گواهه به پيش ٿيڻا آهن ۽ انهن جو فيصلو عدالت کي ئي ڪرڻو آهي، هن چيو ته شهباز شريف، حمزه شهباز ۽ مفرور سلمان شهباز خلاف 25 ارب رپين جو ڪيس هلي رهيو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.