بلاول ڀٽو جي آمريڪا ياترا تي حڪومتي حلقن ۾ ڳڻتي

لاهور (عوامي آواز نيوز )  وزيراعظم عمران خان سنڌ پهتو ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا  روانو ٿي ويو، عمران خان جو سنڌ ۾ پهريون  ڀيرو لهجو انتهائي مٺو هو، وڏي وزير مراد شاهه کي ته چيائين ته اختلاف وساري سنڌ جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪيون، وزيراعظم  جي روئي ۾ اها تبديلي ڪيئن آئي سو سوال ته جواب طلب آهي پر بلاول ڀٽو زرداريءَ جي آمريڪا روانگي تي حڪومتي حلقن ۾ ڳڻتي ضرور پکڙيل آهي. سينيئر صحافي امداد سومري پنهنجي وي لاگ ۾ تجزيو ڪندي چيو آهي ته جوبائيڊن وزير اعظم عمران خان کي فون به نه ڪيو پر بلاول ڀٽو زرداري ته ضرور آمريڪي انتظاميا سينيٽرن ۽ ڊيموڪريٽس  سان ملاقاتون ڪندو ۽ لابنگ ڪندو ڇو ته آمريڪا جو پاڪستان جي سياست تي اثر رسوخ رهيو آهي، ان ڪري به شايد پي ٽي آءِ حڪومتي حلقن ۾ پ پ چيئرمين جي دوري تي ٻڙڌڪ متل آهي، بلاول ڀٽو زرداري هڪ هفتي جي دوري کانپوءِ  وري شيڊيول موجب پنجاب پهچندو ۽ پارٽي کي منظم ڪرڻ جو ڪم جاري رکندو، تيستائين حڪومت پريشان ئي رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.