نسلا ٽاور غير قانوني، واڌو ليز جو قانون موجود ناهي: سپريم ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري نسلا ٽاور نظرثاني ڪيس ۾ لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪندي چيو آهي ته عمارت جو حصو غير قانوني زمين تي تعمير ڪيو ويو ، الاٽيز يا مالڪن کي حقيقي مالڪن جو درجو  نٿو ڏئي سگھجي.عدالت چيو ته عدالتي حڪم الاٽيز جي مفادن جو به تحفظ ڪري ٿو. عمارت بابت 780 گز کان وڌيڪ ليز جا ڪاغذ نه ڏيکاريا ويا، اضافي ليز لاءِ ڪوبه قانوني جواز مهيا نه ٿي سگهيو. بار بار سنڌي مسلم سوسائٽي پاران جاري ڪيل خط ڏيکاريا ويا، سنڌي مسلم سوسائٽي کي ليز جاري ڪرڻ جو اختيار نه ھو، تنهنڪري نظرثاني جون درخواستون رد ڪيون ويون آھن.عدالت چيو ته اضافي ليز جو قانون موجود نه آهي ۽ اوريجنل ليز ۾ ڪهڙي قسم جي ترميم نٿي ٿي سگهي ..نسلاٽاور جي وڪيل ٻن فيصلن جو حوالو ڏنو جيڪي حوالاڏنا ويا اهي نئين گرئوانڊ جا هئا نظرثاني درخواست ۾ ايڊيشنل گرئوانڊجو جانزونٿو وٺي سگهجي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.