وفاق پي ايس پي آفيسرن جي بدلي جو اختيار رکي ٿو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پهنور ۽ جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ اعلي پوليس  آفيسرن جي بين الصوبائي بدلي واري ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي .ٽرانسفر۽ پوسٽنگ جي حوالي سان فيصلو جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ لکيو آهي .عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ جي لاءِ سڌي ريت ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل نٿو ڪري سگهجي .ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ جي لاءِ متاثر سول سرونٽ سروس ٽربيونل وڃي سگهي ٿو .جيڪون درخواستون داخل آهن اهي متاثرسول سرونٽ داخل نه ڪيون آهن. لکت جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جنهن درخواستون داخل ڪيون آهن هو اڻلاڳاپيل ماڻهو آهي. قانون تحت  وفاق کي ڪهڙي به صوبي ۾ سول سرونٽ پي ايس پي آفيسرن جي بدلي جو اختيارهوندو آهي. روٽيشن پاليسي جي تحت وفاق کي بدلي ۽مقرري کان روڪي نٿو سگهجي .هي درخواستون ميرٽ تي نه آهي ان ڪري سنڌهاءِڪورٽ سموران درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو آهي .03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.