القاعدا سال اندر آمريڪا تي ٻيهر حملو ڪري سگهي ٿو: جنرل مارڪ

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي جنرل ماڪ ملي دعويٰ ڪئي آهي ته القاعدا هڪ سال اندر آمريڪا ۾ ٻيهر حملو  ڪري سگهي ٿو، چيئرمين جوائنٽ چيفس جنرل مارڪ ملي چيو آهي ته طالبان اڃان تائين القاعدا سان لاڳاپا ختم نه ڪيا آهن، القاعدا هڪ سان اندر ٻيهر منظم ٿي سگهي ٿو. آمريڪي سينيٽ ۾ سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته واضح ڪيو ته چين کي جنگ نه ڪرڻ بابت فون ڪال قانون مطابق ڪئي هئي، ان وقت جي دفاعي سيڪريٽري مارڪ ايسپر پنهنجي چيني هم منصب کي فون ڪرڻ لاءِ چيو هو، ڳالهه ٻولهه دوران 8 ٻيا به ماڻهوموجود هئا. هن چيو ته ٽرمپ چين تي حملي ڪرڻ جو خواهشمند نه هو ، مون تي ذميواري رکي وئي ته آئون چين سان رابطو ڪري صدر جي ارادي بابت آگاهي ڏيان.

طالبان ظاهر شاهه جي دور جو آئين عارضي طور لاڳو ڪري ڇڏيو

ڪابل (م ڊ) افغانستان ۾ طالبان حڪومت اڳوڻي بادشاهه ظفر شاهه جي دور جو آئين لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. افغان سرڪاري ٽي  وي موجب افغانستان جي عبوري حڪومت جو چوڻ آهي ته ظاهر شاهه جي دور جو قانون شريعت سان ٽڪراءٌ نٿو رکي. ياد رهي ته ظاهر شاهه 1933 کان 1973 تائين افغانستان تي حڪومت ڪئي. ظاهر شاهه جي 2007ع ۾ وفات ٿي.

طالبان پاران شاگردياڻين جي داخلا ۽ ڏاڙهي نه ڪوڙائڻ واري پابندي جي ترديد

ڪابل (م ڊ)  طالبان شاگردياڻين جي داخلي ۽ ڏاڙهي نه ڪوڙائڻ واري پابندي جي ترديد ڪري ڇڏي آهي، جيونيور جي خبر موجب  ابل يونيورسٽي انتظاميا ٻڌايو ته شاگردياڻيون معمول موجب يونيورسٽي اچن پيون، جعلي ٽوئٽر اڪائونٽ تان ٽئوٽ کڻي آمريڪا جي نشرياتي اداري ۾ خبر ٺاهي هلائي وئي آهي ٻئي پاسي عورتن تي سمارٽ فون رکڻ ۽ مردن مٿان ڏاڙهي ڪوڙائڻ وارين پابندي واري خبرن جي پڻ ترديد ڪئي وئي آهي. افغان جي ثفافت ۽ سڌسماءٌ واري وزارت ميمبر انعام الله سمنگاني ۽ قومي يڪجهتي پارٽي جي سربراهه سيد اسحاق گيلاني ترديد ڪندي چيو آهي ته ڏاڙهي ۽ مختڪلف شعبن ۾ عورتن تي اسمارٽ فون رکڻ واريون خبرون ڪوڙيون تصور ڪيون وڃن، جڏهن ته ذريعن موجب مذهبي پوليس ۽ حجامن جي هڪ ميٽنگ ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو هو جنهن حوالي سان طالبان جو هڪ خط شوسل ميڊيا تي گدش ڪري رهيو آهي.

نثار مورائي ۽ ٻين جي سزا خلاف اپيل تي فيصلو محفوظ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ اڳوڻي چئيرمين فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي نثارمورائي سميت ٻين جي سزا خلاف اپيل تي سمورا دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي .

ايل پي جي 20 رپيا في ڪلو مهانگي

اسلام آباد ( م ڊ ) چيئرمين ايل پي جي ايسوسي ايشن عرفان کوکر موجب بين القموا،ي مارڪيٽ ۾ وڌندڙ قيمتن سبب ڪمپينين قيمت ۾ واڌ ڪئي آهي، چيئرمين موجب گهرو سلينڊر 236 ڪمرشل سلينڊر 908 رپيا اضافو ڪيو ويو آهي. ايل پي جي 175 کان واڌائي 195 رپيا في ڪلو ڪيو ويو آهي.

ٻي شادي؟ مولانا طارق جميل جو موقف اچي ويو

اسالم آباد (م ڊ ) نامياري مذهبي شخصيت مولانا طارق جميل پنهنجي ٻي شادي جي حوالي سان گردش ڪندڙ خبرن تي رد عمل ڏيندي سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تان پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي سندس شادي متعلق ڪجهه يوٽيوب چئنل پنهنجي سبسڪرائبرز وڌائڻ لاءِ ڪوڙ جو سهارو ورتو آهي. هن واضع ڪيو ته اهڙي خبر ۾ ڪا به صداقت ناهي.

هٿيار ۽ بارود رکڻ جي ڪيس ۾ جوابدار آزاد ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت غير قانوني هٿيار۽ بارود رکڻ واري ڪيس ۾ جوابدار عبدالرحمن تي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي  آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.عدالت چيو ته جيڪڏهن ٻيو ڪيس نه هجي ته  کيس آزاد ڪيو وڃي . جوابدار جي خلاف منگوپير ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهي . 03

هاءِ وي ويجهو زمين فراڊ ڪيس، جاچ آفيسرن کان رپورٽ طلب

ڪراچي (رپورٽر)احتساب عدالت هاءِ وي جي ويجهو سرڪاري زمينن کي ڪالوني جي نالي تي عوام کان 3ارب کان وڌيڪ فراڊ ريفرنس  ڪيس جي ٻڌڻي 18 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪندي جوابدارن حاجي آدم جوکيو سميت ٻين کي متاثرين جي معاملن کي حل ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي ۽ جاچ آفيسر کان رپورٽ طلب ڪئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو وڃي ته ڪيترن ماڻهن کي پلاٽ الاٽ نه ڪيا ويا آهن. متاثرن کي جاچ آفيسر کان تفيصلن جي لاءِ رابطوڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. عدالت چيو ته جيڪڏهن معاملا حل نه ٿيا ته فردجرم جي ڪارروائي هلائي ويندي . 03

حڪومت خانگي ڪميٽين جي چنڊ ڏسڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ ) وفاقي حڪومت ملڪ ۾ خانگي ڪميٽين جي چنڊ ڏسڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي. اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري ميڊيا بريفنگ ۾ ٻڌايو ته چنڊ ڏسڻ جي حوالي سان نئين قانون سازي ڪئي وئي آهي جنهن تحت چنڊ ڏسڻي ڪميٽي  يا حڪومت طرفان ئي ڪيل اعلانن کي حتمي سمجهو ويندو. فواد چوڌري چيو ته چنڊ ڏسڻ لاءِ وفاقي کان سواءِ صوبائي ۽ ضلعي ڪميٽيون به جوڙيون وينديون. هن چيو ته پهريون ڀيرو موسميات کاتي، سپارڪو، سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي بابت وفاقي وزارت ۽ مذهبي معاملن واري وزارت کي به ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. پڌرائيءَ موجب وفاقي ڪابينا چنڊ ڏسڻ جي حوالي سان قانونن جي اصولي منظوري ڏني آهي، قانونن ۾ رويت جي غير تصديق ٿيل اطلاع ڏيڻ تي ڏنڊ به شامل آهي.

نور مقدم قتل ڪيس : درخواستن تي اڄ فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) نور مقدم قتل ڪيس ۾ مرڪزي جوابدار ظاهر جعفر جي والدين جي ضمانت تي آزادي جي درخواستن تي فيصلو اڄ اربع ڏينهن ٻڌايو ويندو. اسلام آباد هاءِ  ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق درخواست ۽ ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد 23 سيپٽمبر تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.