لنڊن ۾ شهباز ۽ سليمان جي اڪائونٽن جي جاچ سان تعلق ناهي: نيب

اسلام آباد( م ڊ) نيب چيو آهي ته نيب جو لنڊن ۾ شهباز ۽ سليمان شهباز جي ڪيس سان ڪو تعلق ناهي. لنڊن ۾ سندن اڪائونٽن جي جاچ سان نيب جو تعلق ناهي. نيب ذريعن چيو آهي ته نيب ٻنهي پيءُ پٽن سان انهن اڪائونٽن بابت ڪا ڳالهه ٻول ناهي ڪئي.

شهبازشريف نوازشريف جي واپسي لاءِ رستو هموار پيو ڪري: شيخ رشيد

اسلام آباد(م ڊ)وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته  ن ليگ ۽ پ پ گڏو گڏي کيڏي رهيون آهن، ن ليگ جي جان ڇٽڻ واري  ناهي، حڪومت لاءِ اصل مسئلو مهانگائي آهي، ڊان ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن جمعي تي مهانگائي بابت انتهائي اهم ميٽنگ ٿيڻي آهي، اسان غريب کي چار شيون سستيون ڪري ڏنيون ته اسان جو ڪو به مقابلو ناهي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهزاد اڪبر اين سي اي جي خبر بابت ڀرپور جواب ڏنو آهي، سمورن ڪيس جو معاملو ٻن سالن ۾ حل ٿي ويندو،وزيراعظم ڪمٽڊ آهي ته چونڊون ووٽنگ مشين ذريعي ٿينديون، اپوزيشن ڪا به تحريڪ نه پئي هلائي نه ئي اسلام آباد اچي رهي آهي، پنجاب ۾ ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ ۾ مقابلو آهي، هن چيو ته عوام جون عمران خان سان شڪايتون آهن پر اهي نفرت نٿا ڪن، هن چيو ته نوازشريف کي واپس ايندو نه پيو ڏسان، شهبازشريف نواز لاءِ رستو هموار ڪري رهيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.