سوشل ميڊيا ماتحت، رولز منظور، ووٽنگ مشين تي مخالف ڌر ۽ اتحادين سان ڳالهين جو فيصلو

اسلام آباد( م ڊ) وفاقي ڪابينا سوشل ميڊيا  رولز جي منظوري ڏئي ڇڏي. حڪومت چونڊ سڌارن ۽ ووٽنگ مشين تي مخالف ڌر سان ڳالهين جو فيصلو ڪيو آهي. سڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ميرٽ تي  فيصلو آيو ته شهباز شريف 25 سال ٽيپ اچي ويندي. فاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اي وي ايم ۽ آءِ ووٽنگ تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم پارلياماني معاملن جي وزير بابر اعواڻ ۽ ٻين کي مخالف ڌر سان رابطن جي هدايت ڪئي.  ان حوالي سان وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته اسان چونڊ سڌارن تي اپوزيشن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون. وفاقي ڪابينا اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم اوور سيز، اي وي ايم جي اهميت اجاڳر ڪرڻ جو چيو آهي. هن چيو ته پارليامينٽ ۾ اپوزيشن ۽ حڪومت ۾ گفتگو ٿي، جيڪو سٺو عمل آهي، اسان اپوزيشن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون. مخالف ڌر ڳالهه ٻول وقت ضايع ڪرڻ لاءِ نه ڪري، قانون سازي لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس به گهرايو ويندو. هن چيو ته  سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ چونڊن جو لازمي حصو هوندو، ٻاهرين ملڪ پاڪستانين کي سياسي نظام مان ڪڍڻ زيادتي هوندي.  هوڏانهن حڪومت سوشل ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ رولز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي،جنهن بعد ڪمپنيون حڪومتي قانون تي عمل جون پابند هونديون، کين پاڪستان ۾ آفيس به کولڻي پوندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.