”مفاهمت“ سان قانون جي بالادستي قائم ٿئي ٿي ته اسٽيبلشمينٽ سان جهيڙو ختم: نوازشريف

لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن” مفاهمتي“ پاليسي ذريعي ملڪ ۾ قانون جي بالادستي قائم ٿئي ٿي ته اسٽيبشلمينٽ سان جهيڙي جي ضرورت نه پوندي، ڊان اخبار جي  رپورٽ مطابق ساهيوال ڊويزن جي اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ۾ نوازشريف چيو ته اسان غيرضروري طور تي ويڙهه نٿا چاهيون، منهنجي وڙهڻ جي نيت نه هئي، پر مون کي ان رستي تي هلڻ تي مجبور ڪيو ويو، نوازشريف اجلاس دوران واضح ڪيو ته جڏهن کان شهبازشريف پاران پارٽي ۾ مفاهمت جي بيانئي جي وڪالت ڪئي پئي وڃي مان پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي خواهش جي مخالفت نٿو ڪريان، شرط اهو آهي ته جيڪڏهن مفاهمت جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني قائم ٿئي، هڪ پارٽي اڳواڻ ڊان کي ٻڌايو ته نوازشريف جي بيان ۾ اسٽيبلشمينٽ لاءِ پيغام ڏنو ويو ته جيڪڏهن خاطري ڪرائي وڃي ته ايندڙ عام چونڊون آزاد ۽ منصفاڻيون ٿينديون ۽ جيڪو به چونڊجي آيو ان کي بغير مداخلت جي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي ته لنڊن مان هڪ سال اڳ اسٽيبلشمينٽ خلاف جيڪا ويڙهه هن شروع ڪئي هئي امڪاني طور تي ختم ٿي ويندي، اجلاس دوران نوازشريف چيو ته 2018ع جون چونڊون چوري ڪرڻ لاءِ ڪهڙي طرح آرٽي ايس کي ويهاريو ويو، سياستدانن کي وفاداريون تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو، عدليا تي ڪنٽرول ۽ ميڊيا جو وات بند ڪرايو ويو، نوازشريف وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته هن جي خراب معاشي پاليسين سبب مهانگائي ۽ قيمتن ۾ واڌ عروج تي آهي، عوام جو جيئڻ جنجال بڻجي چڪو آهي، ان شخص سي پيڪ لاءِ ڪرپٽ ماڻهن جي مقرري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ رٿا ۾ اڳڀرائي سست ٿي وئي، هن چيو ته ڊالر جي قدر ۾ موجوده حۡومت ۾ 64 رپيا گهٽتائي آئي اهي جنهن سان ظاهر ٿئي ٿو ته وزيراعظم ڪرپشن جي پنهنجي معيار مطابق ڪيترو ڪرپٽ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.