آءِ ايم ايف قرض لاءِ شرط رکي ڇڏيا، اٽو، گيهه، کنڊ، داليون ۽ چانور وڌيڪ مهانگا ٿيندا

اسلام آباد(م ڊ) عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف پاڪستان کي اٽي، گيهه، کنڊ، دالين ۽ چانورن سان گڏوگڏ گئس ۽ بجلي تي سبسڊي ختم ڪرڻ جو چئي ڇڏيو آهي، ان کانسواءِ مالي نظم ضبط قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين جو دور آڪٽوبر ۾ ٿيندو، جنهن ۾ پاڪستان جي معشيت، هدف حاصل ڪرڻ، سبسڊيز، اوڳاڙين ۽ گردشي قرضن جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاران چيو ويو آهي ته اٽي، گيهه، کنڊ، دالين ۽ چانورن تي سبسڊي ختم ڪري صرف احساس پروگرام ۾ شامل ماڻهن کي ئي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏني وڃي. ذريعن موجب ڳالهين جي ڪاميابي جي صورت ۾ حڪومت کي هڪ ارب ڊالرن جي قرض جي قسط جاري ڪئي ويندي. ان کان اڳ حڪومت ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ بجلي ۽ گئس مهانگي ڪرڻ جي تياري ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.