ڪراچي سميت سنڌ ۾ طوفاني برسات، 6 ڄڻا فوت، مواصلاتي نظام درهم برهم

ڪراچي ( رپورٽر+نمائندا )ڪراچي سميت سنڌ ۾ برسات جا راڱا جاري، مختلف واقعن ۾  6 کان وڌيڪ فوت، ڪيترائي زخمي،  ڪراچي ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 2 معصوم ڀينرون فوت ٿي ويون، گذريل رات ڊاڪس  جي علائقي مڇر ڪالوني ۾ واقع جعفر گهٽي ۾ هڪ گهر جي ڀت مينهن بعد ڪري پئي، واقعي ۾ راند ڪندڙ 8 ورهين جي زوزينا ۽ 6 ورهين جي گڙيا ڌيءَ عبدالرشيد سخت زخمي ٿي پيون جن کي سول اسپتال آندو ويو جتي هنن دم ڏنو، قمبر تعلقي جي ڳوٺ گهوگهارو ۾ برسات دوران گهر جي ڀِت ڪرڻ سبب 10 سالن جي نينگري فلڪ ڌيءَ ياسين نوناري دٻجي سخت زخمي ٿي پئي جنهن کي گهر ڀاتين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي علاج دوران نينگري زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي ،ٿر ۾ گذريل ڏينهن ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو وسڪارو ٿيو،هلڪي هلڪي برسات دوران ٿر جي مختلف علائقن جي ڪيترن ئي هنڌن تي کنوڻ ڪرڻ جا واقعا پيش آيا،گجگوڙ جي ڌماڪن ۽ کنوڻن جي واڄٽن ماڻهن جو ساھ مُٺ ۾ وجهي ڇڏيو،اُنهي سلسلي ۾ اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ صالح جنجهي ۾ ٻنيءَ ۾ ڀونگي تي وڄ ڪرڻ سبب 9 سالن جو ٻارڙو خالق پٽ ٻڍو سميجو موقعي تي فوت ٿي ويو، ڳوٺ کاريو وڪيا ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب 45 سالن جي شريفان زال شاهه محمود بيهوش ٿي وئي،جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو،ڳوٺ ڀاناڻي ڀيل ۾ آسماني بجلي ڪرڻ سبب ڪانجي ولد پريمون ڀيل بيهوش ٿي ويو، راڌڻ جي آسپاس ڳوٺن ۾  تيز ھوا سان زوردار برسات ٿي، گوڏي جتيروپاڻي بيھي ويو، ھڪ ڪلاڪ برسات سبب سارين ۽ ترن جي فصلن کي ڪاپاري ڌڪ پهتو، ڇور ، نيو ڇور ۽ڀر پاسي ٿر جي مختلف ڳوٺن ٻئي ڏينهن به ڪٿي تيز ڪٿي ھلڪي برسات جو وسڪارو پيو ٻئي طرف نيو ڇور ويجهو ڳوٺ سڻوھي ۾ جوڳي پاڙي ۾ آسماني بجلي ڪرڻ سبب ماءُ ڀورڪي جوڳڻ ۽ سندس معصوم ڌي ھڪ سال جي سڪينا فوت ٿي وئي ،دريا خان مري، منگيا موري، کرڙو، تيتري ڳوٺ چاناري، ڳوٺ عطا محمد لاشاري ڳوٺ ميرانپور سميت ٻين علائقن ۾ کنوڻ گجگوڙ ۽ تيز ھوا سان گڏ تيز برسات سبب ووئڻن ترن سارين جي تيار ٿيل فصل کي سخت نقصان پهتو، بجلي بند ٿي وئي،دڙي ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ سخت گرمي کان پوءِ مٽي جي تيز طوفان سان گڏ برسات جو وسڪارو ٿيو جمال شاھ ۽ ڀرپاسي جي علائقن، ھبيري، اصغر آباد، لنڊي شاخ، شير علي شاھ ۾ تيز برسات جو وسڪارو ٿيڻ سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو ،ڄام صاحب ڀرسان ڳوٺ رئيس احسان علي بروھي ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب مونجي زال رائمل ڪولھي ۽ سندس نوجوان پٽ ڀاڳ سنگ ٿڏي تي فوت ٿي ويا هوڏانهن کهڙا سميت تعلقي گمبٽ ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ روڊن رستن تي برسات جو پاڻي بيهجي ويو ڪوٽڏيجي ۾ پيل برسات سبب فصلن کي نقصان پهتو،هوڏانهن موسميات کاتي موجب عربي سمنڊ ۾ گهٽ دٻاءُ سبب سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي علائقن ۾ طوفاني برساتن جو امڪان ۽ اربن فلڊنگ جو خطرو آهي، ايڊوائزري موجب هوا جي گهٽ دٻاءُ جو رخ ڀارتي گجرات ڏانهن آهي ۽ شدت واريون مون سون هوائون سنڌ ۾ داخل ٿي رهيون آهن، 2 آڪٽوبر تائين سنڌ ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽي ۽ بدين ۾ برساتون پئجي سگهن ٿيون جڏهن ته ميرپورخاص، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ ٻين ضلعن ۾ به برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.