اڳوڻو سفير ۽ پ پ اڳواڻ واجد شمس الحسن لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

لنڊن/ ڪراچي(م ڊ) مشهور صحافي ۽ برطانيا ۾ مقرر پاڪستان جو اڳوڻو هاءِ ڪمشنر واجد شمس الحسن لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري ويو،  گهرڀاتين موجب واجد شمس الحسن جي جنازي نماز جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. ٻي پاسي پ پ جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته واجد شمس سڄي زندگي جمهوريت، انساني حقن، آزاد پريس ۽ پ پ لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. شازيا عطا مري پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو آهي ته اڳوڻي سفارتڪار واجد شمس الحسن جي لاڏاڻي جو ٻڌي تمام ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي. واجد شمس الحسن جي سفارتڪاري ۽ ملڪ لاءِ ڪيل خدمتن کي هميشه لاءِ ياد رکيو ويندو. واجد شمس الحسن 2008ع ۾ برطانيا ۾ هاءِ ڪمشنر رهيو، 40 سال صحافت سان واڳيل رهيو، ٻي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري افسوس جو اظهار ڪيو ۽ واجد شمس سان ٿيل واٽس ايپ گفتگو جا اسڪرين شاٽ شيئر ڪيا، جنهن ۾ واجد شمس لکيو ته پيارا بلاول! آئون توکي کي وزيراعظم ڏسڻ لاءِ ڏسڻ لاءِ زندهه آهيان .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.