نيدرلينڊ جي اڳوڻي ڪرڪيٽر به انگلش ٽيم تي تنقيد ڪرڻ لڳي

 

لنڊن(ويب ڊيسڪ) مينز اينڊ وومينز ٽيمن جو پاڪستان جو دورو ختم ڪرڻ تي انگلش ڪرڪيٽ بورڊ کي لڳاتار تنقيد سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

برطانوي عورت براڊ ڪاسٽر ۽ نيدرلينڊ جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ايزابيل ويسٽ بري برطانوي ميگزين ۾ لکيل ڪالم ۾ تنقيد ڪندي چيو آهي ته انگلش ٽيمن جي پاڪستان جي دوري کي ختم ڪرڻ جو نقصان ويمنز ڪرڪيٽ کي به ٿيو.

ايزابيل چيو ته مينز ٽيم جي ترجيحن جي ڪري ويمنز ٽيم جو دورو به رد ڪيو ويو جنهن جي ڪري نقصان ٿيو آهي.

هن وڌيڪ لکيو ته مينز ٽيم وٽ ڪرڪيٽ آهي پر انگلينڊ ويمنز ٽيم وٽ چئن مهينن تائين ڪجهه ڪرڻ لاءِ ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.