ناليواري باڪسر جي باليووڊ ۾ انٽري

 

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ناليواري آمريڪي باڪسر مائيڪ ٽائسن بالي ووڊ ۾ انٽري ڪرڻ وارو آهي.

ناليواري ڀارتي هدايتڪار ڪرن جوهر پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ مائيڪ ٽائسن جي بالي ووڊ جي فلم ۾ اداڪاري جو اشارو ڏنو آهي.

ڪرن جوهر لکيو آهي ته پهريون ڀيرو ڪنگ آف دي رنگ مائيڪ ٽائسن ڀارتي سينيما جي وڏي اسڪرين تي نظر ايندو.

هن جڳ مشهور باڪسر کي ڀليڪار به ڪئي.

واضح رهي ته مائيڪ ٽائسن فلم لائيگر ۾ مختصر ڪردار ۾ نظر ايندو، ان فلم ۾ انايا پانڊي ۽ وجي ديويرا ڪونڊا مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.