شازيا مري جي حڪومت تي تنقيد، نون ليگ پي ٽي آءِ حڪومت کي بچايو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز ترجمان شازيا مري چيو آهي ته معاهدو ڪري نواز شريف کي ٻاهر موڪلڻ وارا پنهنجو قد ڏسي ڳالهائن، پنجاب ۾ بوزدار سرڪار کي رڳو نون ليگ جو سهارو آهي.

مريم نواز جي بيان تي ردعمل ڏيندي شازيا مري چيو ته استعيفيٰ ڏيڻ بهانو هو، اصل مقصد لانگ مارچ ملتوي ڪرڻ ۽ عمران خان کي بچائڻ هو.

پيپلزپارٽي اڳواڻ سوال ڪيو ته اهو ڪهڙو موقف آهي جيڪو لاهور ۾ مختلف ۽ لنڊن ۾ مختلف هوندو آهي؟

شازيا مري جو چوڻ هو ته وڏيون وڏيون دعوائون ڪندڙ جڏهن هارائيندا آهن ته بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.