ڏهرڪي:ماڙي پيٽروليم انتظاميا جي زيادتين خلاف عدالت وڃبو:ايڊوڪيٽ غلام رسول

ڏهرڪي تعلقي بار جي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ غلام رسول مهر چيو آهي ته  ماڙي پيٽروليم ڪمپني جي انتظاميه پاران مقامي ماڻهن سان ناجائزيون وڌنديون پيون وڃن هاڻ عوام پنهنجا حق وٺڻ لاء سجاڳ ٿي ويو آهي جنهن بعد انشاالله مقامي ماڻهن جا انتظاميه کي حق ڦٻائڻ نه ڏينداسون، ڏهرڪي ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته تازو ئي ماڙي پيٽروليم ڪمپني ڏهرڪي تعلقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاء 3 ارب کان مٿي رقم جاري ڪئي تنهن تي پڻ تڪ مان چونڊيل نمائيندا ڊي سي گهوٽڪي سان ملي ڀڳت ڪري پنهنجون من پسند اسڪيمون منظور ڪرائڻ گهرن ٿا جنهن جي اسان سخت لفظن  مزمت ڪندي گهر ڪيون ٿا ته ماڙي پيٽروليم ڪمپني پاران جاري ڪيل رقم کي بنا ڪنهن سياسي فرق جي پوري تعلقي ۾ استعمال ڪيو وڃي ۽ هر ڳوٺ کي اسڪيمن ۾ شامل ڪري تباه حال ٿيل سڀني روڊ ۽ رستن کي تعمير ڪرايو وڃي، هن چيو ته ڪمپني انتظاميه جيڪڏهن هاڻ پنهنجو قبلو درست نه ڪيو ته انهن خلاف هاء ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ قانون موجب ڪيس داخل ڪرايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.