لعلو رائنڪ: قديمي ڳوٺ پير جو ڪوٽ مسئلن جو شڪار،رهواسين جو احتجاج

لعلورائنڪ ڀرسان وڳڻ  ٽائون جو قديمي ڳوٺ پيرجو ڪوٽ مسئلن جو شڪار ٿي ويو جنهن ڪري رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا، ڳوٺ کي هن وقت تائين روڊ رستي جي به سهولت نه ملي سگهي، نيڪال جو گندو پاڻي گهٽين ۾ بيهجي وڃڻ ڪري رهواسي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا، ڳوٺاڻن پاران بنيادي سھولتن جي کوٽ خلاف سيٺ ضياءُالحق خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ،ان موقعي تي غلام شبير خاصخيلي ـ امتياز علي ـ زبير علي ـ نادر علي ـ ھاشم خاصخيلي  ۽ ٻين چيو ته ھر ڀيري پ پ پ جي نمائندن  کي ووٽ ڏيندا آھيون ۽ اسان جي ڳوٺ کي سدائين نظر انداز  ڪيو ويو آھي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي نوٽيس وٺي ڳوٺ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.