ڪراچي:ورلڊ ھارٽ ڊي تي ڪارڊڪ پاڪستان تنظيم جي اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس

ڪارڊڪ پاڪستان تنظيم جي اڳواڻن چيو آهي ته پاڪستان ۾ 1989 کان دل جي بيماري ۾ اضافو ٿيڻ شروع ٿيو آهي،  دل جي بيماري کان بچڻ لاء پرائمري ليول جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ضروري آهي، ورلڊ هارٽ ڊي جي حوالي سان  ڪراچي پريس ڪلب ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي پروفيسر سيد اشتياق رسول ،پروفيسر عبدالرشيد خان ۽ پروفيسر طارق اشرف جو چوڻ ھو ته مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن ۾ بلڊپريشر ۽ شگر جا ڪيس وڌيڪ ظاھر ٿيا آهن ۽ تماڪ جي استعمال ڪرڻ سبب مردن ۾ دل جي بيماري ۾ اضافو ٿيو آهي، دنيا اندر 40 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي دل جي بيماري ٿئي ٿي پر پاڪستان ۾ 30 سالن جي عمر وارن نوجوانن ۾ به  دل جي بيماري ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿي. ملڪ اندر سڀ کان وڌيڪ اردو ڳالھائيندڙن ۾ دل جي بيماري جا وڌيڪ ڪيس ظاھر ٿيا آهن جڏهن ته ٻئي نمبر تي پنجابي ٽئي نمبر تي پشتو چوٿين نمبر تي بلوچ ۽ پنجين نمبر تي سنڌي ڳالھيندڙ شامل آهن. ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته دل جي بيماري سبب دنيا اندر ساليانو 18.6 ملين ماڻهو موت جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ پاڪستان اندر ساليانو 2 لک ماڻهو فوت ٿي وڃن ٿا، هنن جو چوڻ هو ته ھر ماڻهو کي صحتمند رھڻ لاء ھفتي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 155 منٽ ورزش ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن ھو بلڊپريشر شگر ۽ دل جي بيماري کان بچي سگھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.