لعلورائنڪ ، گھوٽڪي ، ڳرھي ياسين ۽ رھڙڪي جون خبرون

لعلو رائنڪ: وڳڻ ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ڪتن جي آزار خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

گهوٽڪي:بااثر پاران پلات جو ڪم روڪرائڻ ۽ هراسان ڪرڻ خلاف احتجاج

ڳڙهي ياسين: گهرام جعفري اسڪول ۾استاد مقرر نه ٿيو، ٻارڙا تعليم کان محروم

رهڙڪي ۽ کپرو ۾ ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي تي جلوس ۽ مجلسون

1

لعلورائنڪ جي علائقي وڳڻ ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي وڃڻ خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاج ڪيو ويو ، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن چيو ته رولو ڪتا ايترا ته وڌي ويا آھن جو علائقي جي مختلف ڳوٺن ياروديرو ـ جعفراڻي  ـ ٿرڙي ھاشم ـ  خيرو خان جتوئي ، ماھي دربان ،لعلورائنڪ ۽ وڳڻ شھر جي ھر گھٽي ۽ چوڪ تي ويٺا آھن سندن چوڻ هو ته هو پنهنجي ٻارن کي گھٽي ۾ کيڏڻ لاء  نٿا ڇڏين، ڳوٺاڻن چيو ته رولو ڪتن  محمد عثمان مغيري، ڪامريڊ  غلام حسين ـ شرف الدين پنھور ، انيس خاصخيلي ، سعيد احمد  ۽ ٻين کي ڏاڙهي زخمي ڪيو آهي، هنن ٻڌايو ته ڪتن جي ڏاڙهڻ کانپوءِ اسپتال مان ويڪسين به نه ٿي ملي، هنن مطالبو ڪيو ته رولو ڪتن مان انهن کي  ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

2

گهوٽڪي ۾ بااثر پاران پلاٽ جو ڪم روڪرائي پوليس ذريعي هراسان ڪرڻ خلاف ڪلوڙ برادري پاران احتجاج  ڪيو ويو، گهوٽڪي لڳ انڊر باء پاس ڀرسان ڪلوڙ برادري جي ماڻهن نظير احمد ڪلوڙ , ٻانهون ڪلوڙ , ذوهيب ڪلوڙ , فياض ڪلوڙ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان جو ساڍا 29 ويسا پلاٽ موجود آهي  جنهن جو اسان وٽ کاتو به موجود آهي , جنهن جو هاڻ اسان ڪم شروع ڪيو آهي , جنهن تي بااثر عبدالحفيظ ڪلوڙ ۽ انجنيئر ذوالفقار عرف مختيار ڪلوڙ ڪم روڪرائي ڇڏيو ۽ اسان کي هراسان ڪرڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏنيون , جڏهن ته هو پوليس معرفت اسان تي چڙهائي ڪري اسان جا 4 ماڻهون کڻائي ويا آهن , هنن الزام هنيو ته گهوٽڪي ۽ عادلپور پوليس بااثرن معرفت اسان کي تنگ ڪري رهي آهي , هنن آء جي سنڌ , ڊي آء جي سکر , ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ڊي سي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته گهوٽڪي ۽ عادلپور پوليس ۽ بااثرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري کين تحفظ ڏنو وڃي 3.

ڳڙھي ياسين جي يونين ڪائونسل نم شريف جي ڳوٺ گهرام خان جعفري جي اسڪول ۾ ڪيترن ئي سالن کان استاد مقرر نه هئڻ ڪري علائقي جا سوين معصوم ٻارڙا تعليم جي زيور کان محروم آهن ، اسڪول جي عمارت به زبون حال ٿي وئي جڏهن ته چئوديواري مڪمل ڊهي پٽ ٿي وئي ، ڪشمير جعفري ۽ دودو خان جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن محمد عيوض ، گلزار جعفري ، شاگردن نصيب الله ، احمد علي ، رخسانه ، نائيده ، گل بخت ، سميرا ۽ ٻين دانهيندي چيو هن مهل تائين استاد مقرر نه ٿي سگهيو آهي جنهن ڪري انهن جي پڙهائي متاثر آهي ،هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي استاد مقرر ڪري عمارت جي مرمت ڪرائي انهن جي تعليم شروع ڪرائي وڃي.

4

رهڙڪي ۽ کپرو ۾ ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي حوالي سان ماتمي جلوس ۽ مجلسون برپا ڪيون ويون ، رھڙڪي ويجهو نئون ڪوٽ ۾ ڪربلا جي شھيدن حضرت امام حسين عليه السلام سميت سندس ساٿين پاران ڏنل لازوال قربانين جي ياد ۾ چاليهي جو مرڪزي ماتمي جلوس رهڙڪي امام بارگاهه نئون ڪوٽ حسيني امام بارگاھ تان  برآمد ڪيو ويو، مرڪزي جلوس جي اڳواڻي باني اصغر گولو ڪئي، جلوس ۾ وڏي تعداد ۾ عزادرن شرڪت ڪئي ، جلوس ۾ نوھا خاني ۽ زنجيرن سان ماتم پڻ ڪيو ويو، مرڪزي ماتمي جلوس نئون ڪوٽ جي مختلف هنڌن تان ٿيندو امام شاهه درٻار تي نهر ٿيو ،کپرو جي اصغريا امام بارگاھ  کوکر محلا ۾ مجلس عزا منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ مولانا رضا محمد زيدي ضياءَ حيدر نقوي. طاقت علي طاقت ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته حضرت امام حسين عليه سلام ۽ ان جي جان نثارساٿين جي قربانين کي وساري نٿو سگهجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.