اوٻاوڙي لڳ گهر تي فائرنگ، عورت مرڻينگ، مظاهرو

اوٻاوڙو (ت ر) اوٻاوڙي لڳ ريتي جي پورھيت محمد چاچڙ ۽ شاھمير چاچڙ جو ٻارن سميت بااثر ماڻھن جي ڏاڍ خلاف احتجاج ڪيو ان موقعي  تي بااثرن جي ڏاڍ جا ستايل محمد چاچڙ شاھمير چاچڙ ۽ ٻين چيو ته ڪجھ مھينا اڳ بااثر ڏوھاري قسم جي جوابدار اميد علي چاچڙ ھٿيار کڻي ھٿيارن جي زور تي اسان جي گھر ۾ داخل ٿيو جتي چوديواري جو تقدس پئمال ڪندي گھر ڀاتين مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنھن ۾ ھڪ عورت گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي ھئي اطلاع تي ريتي پوليس جوابدار کي موقعي تان ھٿيار سميت گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو ھو جيڪو جيل مان نڪرنديئي اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آھي اسان مٿان اغوا جا ڪوڙا ڪيس ڪري پئسا وٺڻ چاهي ٿو شھر جي ڪيترن ئي ماڻهن کان ناحق الزام ڏئي بليڪميل ڪري  پئسا وٺي چڪو آهي اسان کي بااثر  اميد علي چاچڙ  لطيف ۽ محمد علي چاچڙ مان اسان جي زندگي کي خطرو آهي اسان انھن جي خوف کان شھر به نه ٿا وڃون اسان مسڪين آھيون اسان جي فرياد ٻڌڻ وارو ڪوبه نه آھي اسين ميڊيا ذريعي آء جي سنڌ ۽ اعلي حڪام کان اپيل ٿا ڪريون ته بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري  اسان کي انصاف ۽ تحفظ فرھم ڪري اسان جي زندگي بچائي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.