احمدپور لڳ حملو، عورت مرڻينگ، احتجاج

احمدپور (ن ع آ) احمدپور لڳ گهر تي حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن جو عورتن سميت احتجاج. انصاف جي گهر رپورٽ موجب احمد پور لڳ ڳوٺ ڀليڏنو ميتلو جي رهواسين ذوالفقار، عبداللطيف، روشن خاتون ،مهران خاتون ،نسيم ميتلو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي هنن  دانهيندي چيو ته ڳوٺ جي بااثرن محمد علي، محمد حنيف، سائين بخش، قائم الدين ۽ ٻين رات جو اسان جي گهر تي ھٿيارن سان حملو ڪري عبداللطيف ميتلو کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت ڪرڻ تي عورت روشن خاتون کي لٺيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته احمدپور ٿاڻي تي ڄاڻايل جوابدارن خلاف حملي جي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي ان موقعي تي هنن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.