شيائومي جو نئون ماڊل، سال جي سڀ کان بهترين فون هوندو

شائومي طرفان هڪ نئين سي وي سيريز جو پهريون فون 27 سيپٽمبر تي متعارف ڪرايو پيو وڃي.

فون جون ڪجهه تصويرون اڳواٽ ئي ليڪ ٿي سامهون اچي ويون آهن ۽ مختلف افواهن ۾ ان جا فيچرز به بيان ڪيا ويا آهن.

هاڻي ڪمپني پاڻ فون بابت ڪجهه تفصيلا ۽ آفيشل جهلڪ جاري ڪئي آهي.

ڪمپني موجب ان فون ۾ اسنيپ ڊراگون پراسيسر موجود آهي جنهن سان 4500 ايم اي ايڇ جي بيٽري ڏني ويندي.

ڪمپني ته اها به دعويٰ ڪئي آهي ته هيءَ فون هلندڙ سال سڀ کان وڏي بيٽري لائيف واري سمارٽ فون آهي.

شيائومي سي وي سان گڏ ڪمپني طرفان 3 سالن تائين سافٽ ويئر سيڪيورٽي اپ ڊيٽس فراهم ڪرڻ جو به امڪان آهي.

فون جي فرنٽ تي 32 ميگا پڪسل ڪيميرا آٽو فوڪس فيچر سان گڏ هوندو.

اهڙي ريت 6.55 انچ جو فل ايڇ ڊي پلس ڊسپلي 120 هرٽز ريفريش ريٽ سميت هوندو جڏهن ته 55 واٽ فاسٽنگ چارجنگ سپورٽ، 256 جي بي اسٽوريج ۽ ڊولبي ايٽموس وڌيڪ ساراهه جوڳيون خاصيتيون آهن.

فون جو وزن 166 گرام هوندو جڏهن ڪيميرا سيٽ اپ ۾ فيشل بيوٽيفڪيشن فلٽرنگ جو فيچر به هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.