ڄامشورو: ڳوٺاڻن جو پوليس چڙهائي خلاف احتجاجي مظاهرو

ڄامشورو ڀرسان ڳوٺ ڪرن خان شورو جي رهواسين پاران پوليس چڙهائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

غلام مرتضي’, جاويد, پرويز، علي رضا ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڄامشورو حيدرآباد روڊ تي حيدرآباد پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ  هو ته حيدرآباد پوليس جي اٽالن بنا جواز گهر ۾ گھڙي ڀڃ ڊاھ ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي سخت تشدد بعد گهر ۾ موجود سونا زيور، ڪپڙا،  اناج ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي وئي آهي.

احتجاج ڪندڙن ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ آءِ  جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.