سنڌ جي زمينون وڪڻن جي شروعات بحريا ٽائون جي صورت ۾ ڪئي وئي: جلال محمود شاهه

ايس يو پي ڪراچي ڊويزن پاران سيد زين شاه سميت اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ڪوڙا  ڪيس داخل ڪرڻ ۽ زمينن تي والار خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو شروع ڪيل 24 ڪلاڪن واري بک هڙتالي ڪئمپ  تي ايس يو سربراه سيد جلال محمود شاھ پهچي اڳواڻن کي جوس پياري بک هڙتال ختم ڪرائي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي ڪنوينر جلال محمود شاهه چيو ته سنڌ جي زمينون وڪڻن جي شروعات بحريا ٽائون جي صورت ۾ ڪئي وئي، پيپلز پارٽي کي اهو حق ناهي ته هو سنڌ جون زمينون ڀڳڙن مٺ تي وڪڻي، لکين افغاني اڳ ئي سنڌ ۾ موجود آهن افغانسان جي تازي صورتحال بعد وري سنڌ ۾ پناهه گيرن کي آندو پيو وڃي. 10 آڪٽومبر کان سنڌ وسيلن جي ڦر لٽ، زمينن جي والار خلاف سکر ڊويزن کان  سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي  جدوجهد شروع ٿيندي.

سيد جلال محمود شاهه سن ۾ شاهه سنائي قبرستان ۾ قبرن جي  بيحرمتي بابت پڇيل سوال تي چيو ته سن واقعي جي مذمت ڪيان ٿو، قبرستان معاملي کي بنياد بڻائي ڪجهه موقعي پرست منهنجي ۽ زين شاهه جي سياست کي نشانو بڻائي رهيا آهن. ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو، بلوچ اڳوڻ جان محمد بليدي، امير آزاد پنهور، عنايت کٽياڻ، منير نائچ، منير مگسي، مخدوم شمس ۽ ٻيا موجود هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.