سرڪار ڪراچي ۾ به اسان جي منصوبن تي تختيون لڳائي رهي آهي: محمد زبير

ن  ليگ اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير چيو آهي ته وفاقي حڪومت پاڻ ڪو به منصوبو نه ٺاهي سگھي پر پنجاب جيان ڪراچي ۾ به اسان جي منصوبن تي تختيون هڻي رهي آهي.

محمد زبير  مسلم ليگ ن ڪراچي هائوس   ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ روز لاش ملندا هئا، ن ليگ جي ڪري ئي ڪراچي ۾ امن قائم ٿيو اسان ئي وڏا وڏا منصوبا شروع ڪيا.

هن چيو ته ڪراچي اڪيلو شهر هو جتي اسان جي حڪومت وفاقي فنڊن مان بجلي، پاڻي ۽ ٽرانسپورٽ جا منصوبا مڪمل ڪيا، اسان ڪراچي گرين لائين بس تي 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪري چڪا هئاسين.

سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت 3 سالن ۾ رڳو 40 بسون هلايون، وفاقي حڪومت پنجاب جيان ڪراچي ۾ به اسان جي منصوبن تي پنهنجون تختيون لڳائي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.