عالمي برادري افغانستان ۾ عورتن جي تعليم جو بچاءُ ڪري: ملاله يوسفزئي

 

امن جو نوبل انعام ماڻيندڙ پاڪستاني شاگردياڻي ملاله يوسفزئي مطالبو ڪيو آهي ته عالمي برادري افغانستان ۾ عورتن جي تعليم جو بچاءُ ڪري.

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس جي سائيڊ لائن ۾ ڇوڪرين جي تعليم تي اجلاس سان ملاله يوسفزئي ويڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪيو.

ان دوران ملاله يوسفزئي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته افغانستان ۾ عورتن جي تعليم جو بچاءُ ڪيو وڃي، عورتن جي حقن ۾ سڀ کان اول انهن جي تعليم جو حق آهي، جيڪو کين ملڻ گهرجي.

هن چيو ته عورتن جي حقن جي تحفظ تي ڪا سوديبازي نٿي ڪري سگهجي، هاڻ وقت آهي ته عورتن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائڻ جي عزم تي قائم رهيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.