ماهرا خان ڪُوڙي نڪتي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ڪامياب ترين اداڪارا ماهرا خان انڪشاف ڪيو آهي ته مان اڪثر انٽرويوز ۾ ڪوڙ ڳالهائيندي آهيان.

اداڪار فواد خان سان گڏ پنهنجي ڊرامي ”همسفر“ کي 10 سال مڪمل ٿيڻ تي ماهرا خان ٽوئيٽر تي سوالن جوابن جو سيشن رکيو.

ان دوران هڪ واهپيدار اداڪارا کان سوال ڪيو ته ”اهڙو ڪو به ڪم، جيڪو توهان کي پسند ناهي پر پوءِ به ڪندا آهيو“؟

واهپيدارن جي سوال تي جواب ۾ ماهرا خان چيو ته ”مان ڪوڙ ڳالهائڻ پسند ناهيان ڪندي پر ڪڏهن ڪڏهن مان انٽرويوز ۾ ڪوڙ ڳالهائيندي آهيان“.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.