ٺٽي ۾ڪل سنڌ ٻالڪ ميلو، نئون نساب جوڙي اسڪولن جي مرمت ڪرائڻ جي گهر

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) قومي عوامي تحريڪ جي محاذ سجاڳ ٻار تحريڪ جو ڪل سنڌ ٻالڪ ميلو ٺٽي ۾ منعقد ڪيو ويو،  سجاڳ ٻار تحريڪ جي نئين باڊي جوڙي وئي جنھن ۾ مرڪزي صدر فاضل سمون، جنرل  سيڪريٽري جھانگير پٺاڻ، رابطا سيڪريٽري سارنگ خاصخيلي، ميڊيا سيڪريٽري مھراڻ جوڳي سميت  28 رڪني مرڪزي ڪميٽي چونڊي وئي، جنھن کي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو حلف کڻايو. ٻالڪ ميلي جي صدارت ايس ٻي ٽي جي مرڪزي صدر فاضل سمون ڪئي۔ جڏھن ته مھمان خاص طور مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، اعزازي مھمان مرڪزي نائب صدر ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، ارسلا بھلڪاڻي، سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون، عذره رند، فرحان لاڙڪ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي آمريڪي شھر ھيوسٽن مان ٽيليفون خطاب ڪندي سجاڳ ٻار تحريڪ جي چونڊيل نئين صدر ۽ ٻين عھديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته مون پنھنجي سياست جو آغاز سجاڳ ٻار تحريڪ جي پليٽفارم تان ڪيو۔ سجاڳ ٻار تحريڪ اسان کي حوصلو ڏنو، سجاڳ ٻار تحريڪ کي آئون پنھنجي مدر آرگنائيزيشن سمجھان ٿو، جتان سکي اڳتي نڪتاسين۔ پوء اسان شاگرد سياست ڪئي، مين سياست ڪئي، سجاڳ ٻار تحريڪ، ايس ايس ٽي يا ايس جي ايس ٽي ۾ اچڻ رڳو سياست ناھي، اتي سياست ڪرڻ سان رڳو ائين ناھي ته پنھنجي قوم ۽ وطن لاء ڪم ڪري پيو پر ماڻھو پاڻ اتي سکي، ان موقعي تي قرارداد پاس ڪري مطالبا ڪيا ويا ته پرائمري کان نئون سائنسي ۽ دلچسپي وارو نصاب جوڙيو وڃي۔ زبون اسڪولن جون عمارتون نئين سر تعمير ڪيون وڃن ۽ بجلي، واش روم، فرنيچر، گرائونڊ، ليبارٽري ۽ لائبريري قائم ڪيون وڃن۔ ڊيوٽي نه ڪندڙ ۽ سفارشي ڀرتي ٿيل نااھل استادن کي برطرف ڪري ميرٽ تي استاد مقرر ڪيا وڃن۔ سڄي سنڌ ۾ 8 ھزار کان وڌيڪ بند پيل اسڪول کوليا وڃن۔ لطيف يونيورسٽي جي شاگردن تي داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري گرفتار شاگردن کي آزاد ڪيو وڃي۔ معصوم ٻارن، شاگردن ۽ نياڻين جي اغوا، قتل، زيادتين ۾ ملوث جوابدارن خلاف دھشتگردي جا ڪيس داخل ڪري انھن کي سخت کان سخت سزائون ڏنيون وڃن۔ ھارين، مزدورن ۽ غريب ماڻھن جي ٻارن کي اسڪالر شپ ڏئي اعلي تعليم جا موقعا ڏنا وڃن۔ اعلي تعليم ۽ تربيت لاء يوسي سطح تي لائبريري قائم ڪيون وڃن۔ اتي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جو بندوبست ڪيو وڃي۔ استاد کي عالمي معيار جي تربيت ۽ ٽريننگ ڏني وڃي۔ راندين جا گرائونڊ جوڙيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.