ڪراچي پوليس شهرين کي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پوليس ڪورونا ويڪسينيشن جي سلسلي ۾ شهرين کي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

ڪورونا ويڪسين ڪارڊ گڏ رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

ڪراچي پوليس انتظاميا هڪ پاسي ويڪسينيشن ڪارڊ نه هجڻ تي اهلڪارن کي شهري گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي ته ٻئي پاسي وري شهرين لاءِ به هدايتون جاري ڪيون آهن.

پوليس موجب ريسٽورنٽس، هوٽلز ۽ شادي هالز ويندڙن کي ڪورونا ويڪسين ڪارڊ گڏ رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪورونا ايس او پيز تي عمل لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، ريسٽورنٽس، هوٽلز ۽ شادي هالز ۾ شهرين جا ويڪسين ڪارڊ چيڪ ڪيا ويندا.

هوڏانهن ڪورونا ويڪسينيشن جي آڙ ۾ گرفتارين تي ڪراچي پوليس چيف عمران يعقوب منهاس هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته رستي ويندڙ شهرين کي گرفتار نه ڪيو وڃي، ويڪسينيشن ڪارڊ نه هجڻ تي به ڪنهن شهري کي گرفتار نه ڪيو وڃي، ويڪسين ڪارڊ چيڪ ڪرڻ پوليس جي ذميواري ناهي، پوليس رڳو ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جي پابندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.