اسلام آباد ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن فائرنگ جو واقعو، 2 ڄڻا مارجي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گاڏي ۾ سوار ٻه ڄڻا مارجي ويا.

اسلام آباد ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي، جنهن سان پوليس جي ڪارڪردگي جي سواليا نشان لڳي ويو.

پوليس موجب فائرنگ جو واقعو نيومل روڊ تي پيش آيو، جتي اڻڄاتل هٿياربندن گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ پراپرٽي ڊيلر راشد پنهنجي گن مين سميت مارجي ويو، جڏهن ته واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا.

پوليس ٻڌايو ته هٿياربندن گاڏي تي 82 گوليون هلايون، گاڏي ۾ موجود ماڻهو ٿڏي تي مارجي ويا.

پوليس موجب فائرنگ جو واقعو گذريل ڏينهن پيش آيل واقعي سان ملي ٿو، گذريل ڏينهن به مرزا نويد نالي پراپرٽي ڊيلر کي قتل ۽ چئن ڄڻن کي زخمي ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.