سکر: خورشيد شاهه افعالن تي جيل ۾ آهي، قبيلائي جهيڙا ڪرائڻ چاهي ٿو:حليم عادل

سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ  چيو آهي ته خورشيد احمد شاهه پنهنجي افعالن جي ڪري جيل ۾ آهي، هو علائقي ۾ قبيلائي جهيڙا ڪرائڻ چاهي ٿو، خورشيد احمد شاهه کي چوان ٿو ته پي ٽي آئي جي اڳواڻ تي ڪيس ٿيو ته پوءِ اسان به پوئتي نه هٽنداسين ، سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ جو چوڻ هو ته   ايس ايس پي سکر غلام هئڻ ڪري 3 سالن کان سکر ۾ ڊيوٽي ڪري رھيو آھي،  ايس ايس پي سکر عرفان سمون 40 ماڻهو فل فرائي ۽ 70 کان وڌيڪ هاف فراء ڪري چڪو آهي، هن الزام هنيو ته اهو سڀ ڪجهه خورشيد احمد شاهه جي چوڻ تي ٿي رهيو آهي، حليم عادل شيخ چيو ته  جن ماڻهن جا قتل ٿيل آهن انهن سان انصاف ڪيو وڃي، سردارن کي اپيل ٿو ڪريان ته معاملي کي حل ڪن، هن چيو ته  آءِ بي اي سکر ويڊيو  اسڪينڊل ۾ ايس ايس پي ناري کان ٻيو بيان زبردستي ڏياريو، سنڌ حڪومت ڊيسڪ جي ڪرپشن معاملي بابت عوامي پريشر سبب ورڪ آرڊر ڪينسل ڪيو آھي ، اين آء سي وي ڊي اسپتال جي سالياني بجيٽ 40 ارب روپيا آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.