پاڪستان ڪورونا صورتحال ۾ بهترين حڪمت عملي اختيار ڪئي: ڊبليو ايڇ او

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري جي ڪنٽري سربراهه چيو آهي ته پاڪستان ڪورونا وائرس صورتحال ۾ بهترين حڪمت عملي اختيار ڪئي.

پاڪستان ۾ صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي ڪنٽري سربراهه ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستان ڪورونا ويڪسين لڳائڻ ۾ بهتر ڪارڪردتي ڏيکاري رهيو آهي جڏهن اهڙا ملڪ به آهن جتي 2 سيڪڙو آبادي کي به ويڪسين ناهي لڳي سگھي.

هن چيو ته پاڪستان هڪ ڏينهن ۾ 10 لک ڪورونا ويڪسين لڳائي رهيو آهي ۽ پاڪستان جي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي مهم انتهائي تيز ۽ اثرائتي آهي. پاڪستان ۾ مڪمل ويڪسينيشن يافته ماڻهن جو انگ 20 سيڪڙو کان وڌي چڪو آهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ جزوي ويڪسينيسن ڪرائيندڙن جو انگ 40 سيڪڙو کان وڌي چڪو آهي جڏهن تهدنيا ۾ اهڙا ملڪ به آهن جتي ويڪسين وڌيڪ هجڻ جي باوجود ڪيسن جو انگ وڌيڪ آهي. پاڪستان ۾ احتياطي تدبيرن سبب ويڪسين گھٽ هجڻ باوجود ڪيس گھٽ رهيا.

صحت جي عالمي اداري جي سربراهه چيو ته پاڪستان ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) بهترين ڪم ڪيو آهي ۽پاڪستان ۾ ڪورونا ريسپانس ۾ بهترين ڪو آرڊينيشن رهي آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي باوجود فوتگين جي شرح گھٽ رهي ۽ چوٿين لهر ۾ ويڪسين سبب فوتگين جي شرح گھٽ ٿي.

هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ويڪسينيشن سبب ڪو به هيلٿ ورڪر فوت ناهي ٿيو ۽ پاڪستان ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي سبب ڊيلٽا ڪيسن ۾ گھٽتائي آئي. پاڪستان جينومڪ سيڪونسنگ ڪري رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.