ڪوٽڙي: لاڙڪاڻي پوليس جو ڪارنامو، ضلعي مان نشي جا عادي موالي پڪڙي ڪوٽڙي ۾ ڇڏي ڏنا

لاڙڪاڻي پوليس جو انوکو ڪارنامو سامهو آيو آھي، پوليس سڄي ضلعي مان نشي جا عادي موالي پڪڙي ڪوٽڙي ۾ ڇڏي ڏنا ، ٻڌايو پيو وڃي ته لاڙڪاڻي ضلعي مان 70 کان مٿي پڪڙيل موالين کي موهن جو دڙو ايڪسپريس ٽرين  وسيلي حيدرآباد جي گدو  اسپتال آندو پئي ويو، ٽرين جيئن ئي ڪوٽڙي پهتي ته پوليس اهلڪار موالين کي هيٺ لاهي مبينا طور گم ٿي ويا، جنهن بعد نشي جا عادي موالي علاج لاء سڄي رات پوليس جو انتظار ڪرڻ کان پوء ڪوٽڙي شهر جي مختلف علائقن م پکڙجي ويا۽ شهر گهمڻ لڳا ، جڏهن ته اهو به معلوم ٿيو آھي ته ڪوٽڙي جي مقامي موالين ۽ لاڙڪاڻي جي موالين  وچ ۾ جهيڙو پڻ ٿي پيو،  ڊسٽرڪٽ پوليس ڪوٽڙي جي ڊي ايس پي شبير سرڪي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان وٽ هن وقت تائين موالين بابت ڪا به ڪمپلين نه ٿي آهي،  هن چيو ته ريلوي پوليس ڪوٽڙي جي پرامن موحول کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.