حيدرآباد: “مقامي حڪومتن ۾ عورتن ۽ صحافين جو ڪردار” جي عنوان هيٺ ويهڪ

حيدرآباد: سائوٿ ايشيا پارٽنر شپ پاڪستان پاران جمهوريت ۽ بااختيار عورت جزبا پروگرام تحت “مقامي حڪومتن ۾ عورتن ۽ صحافين جو ڪردار” جي عنوان هيٺ ويهڪ ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ضلعي ڪائونسلن ۽ يونين ڪائونسلن جي اڳوڻين عورت نمائندن سميت ڳوٺاڻي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سيپ پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ شھناز شيدي، پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ زيب النساءَ ملاح، ايڊووڪيٽ ايم پرڪاش، پشپا ڪماري، شهناز حاجاڻو، ڪوثر راجپوت، زرينا، مديحا، پرويز کوکر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شهناز شيدي ڳالهائيندي چيو ته عورت پيڙهيل طبقو آهي ۽ انهن جي حقن جي حاصلات جي لاءِ سيپ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي، ايڊووڪيٽ ايم پرڪاش ڳالهائيندي چيو ته عورتن جو مقامي حڪومتون ۾ چونڊجي اچڻ سٺي ڳالهه آهي، عورت کي خودمختيار بنائڻ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مقامي حڪومتن ۾ اڳوڻين چونڊيل عورت ميمبرن يونين ڪائونسل سطح تائين سٺو ڪم ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.