ميرپور ماٿيلو جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال گمس جي حوالي ڪرڻ جون تياريون

ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپورماٿيلو گمس اسپتال جي حوالي ڪرڻ جون تياريون جاري آهن، ان سلسلي ۾ صوبائي وزير لائيوو اسٽاڪ عبدالباري پتافي جي دعوت تي گمس جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي گذريل ڏينھن ميرپورماٿيلو پھتو، صوبائي وزير پاران ڊائريڪٽر کي اسپتال جو دورو ڪرايو ويو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي عثمان عبدالله، ڊي ايڇ او گھوٽڪي منظور جکراڻي، اسسٽنٽ ڪمشنر ڏھرڪي رضوان نظير، ايم ايس ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ڊاڪٽر ذوالفقار علي چنا ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود ھئا، ڊائريڪٽر گمس کي اسپتال جي ان ڊور، او ٽي، او پي ڊي، ٽراما سينٽر، سي سي يو، بلڊ بينڪ, ليبارٽري ۽ ايم سي ايڇ سي سميت سموري اسپتال جو تفصيلي دورو ڪرايو ويو، ايم ايس صوبائي وزير ۽ ڊي سي پاران پاران ڊائريڪٽر کي بريفنگ پڻ ڏني وئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي صوبائي وزير باري پتافي چيو ته صوبائي وزير صحت عذرا پيچوھو کان وربلي اجازت نامو وٺي ڊائريڪٽر گمس کي اسپتال حوالي ڪرڻ لاء آمادھه ڪري پوء ھتي دوري تي وٺي آيو آھيان، ھن چيو اميد آھي ته سنڌ حڪومت نوٽيفڪيشن جاري ڪري گمس سان ايگريمنٽ ڪري وٺندي ۽ ڇھن مھينن اندر ڊي ايڇ ڪيو اسپتال گمس جي ھنيڊ اوور ٿي ويندي،ته جيئن غيرفعال ٿيل ڊي ايڇ ڪيو اسپتال مان پوري ضلعي توڙي سنڌ جي غريب عوام کي فائدو ملي سگھي،  ان موقعي تي ڊائريڪٽر گمس ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي ڳالھائيندي چيو ته ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جي بھترين لوڪيشن ۽ بھترين اسپتال جي عمارت آھي، سنڌ حڪومت دلچسپي ورتي ته جلد اسين پنھنجو ڪم شروع ڪري وٺنداسين،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.