ڪراچي: صوبائي وزير ناصر شاھ پاران جديد آن لائين موبائيل ايپ سروس جو افتتاح

مڪاني کاتي واري صوبائي وزير ۽ چيئرمين ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ سيد ناصر حسين شاھ ڪراچي واٽر بورڊ پاران متعارف ڪرايل جديد آن لائين موبائيل ايپ سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب ۾ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مشير قانون ۽ ترجمان سنڌ حڪومت بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، وائيس چيئرمين ڪراچي واٽر بورڊ نجمي عالم، ايم ڊي ڪراچي واٽر بورڊ انجنيئر اسد الله خان سميت ٻيا شريڪ هئا،ايم ڊي ڪراچي واٽر بورڊ پاران مڪاني کاتي واري صوبائي وزير ۽ چيئرمين ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ سيد ناصر حسين شاھ ۽ ٻين کي ڪراچي واٽر بورڊ پاران متعارف ڪرايل جديد آن لائين موبائيل ايپ سروس بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ڪنھن اداري ۾ اھڙي جديد موبائيل ايپ سروس متعارف ڪئي وئي آهي جنھن سان ھاڻي صرف ھڪڙي ڪال يا ميسيج ذريعي صارفين گھر ويٺي پنھنجا مسئلا آساني سان حل ڪرائي سگھن ٿا، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سيد ناصر حسين شاھ چيو ته  اڄوڪي افتتاحي تقريب ڪاميابي طرف بھترين قدم آھي ڇو ته جديد موبائيل ايپ جي ذريعي شھرين جون شڪايتون فوري حل ڪيون وينديون، جديد موبائيل ايپ سروس متعارف ڪرائڻ تي ايم ڊي ڪراچي واٽر بورڊ ۽ ان جي سموري ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.