سنڌ حڪومت استادن جي مستقليءَ لاءِ وڏو قدم کڻي ورتو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ميرٽ تي پاس استادن جو پراڻو مسئلو حل ڪري ڇڏيو.

2008 ۾ اقرا يونيورسٽي تحت ڀرتي لاءِ ميرٽ ٽيسٽ ڏيندڙ استاد 13 سالن کان ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪري رهيا هئا، جن کي هاڻ پڪو ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت طرفان وڏو قدم کنيو ويو آهي.

ان ڏس ۾ سنڌ جي تعليم کاتي طرفان استادن کي مستقل ڪرڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر دستاويزن جي اسڪروٽني ڪرڻ کانپوءِ استادن کي مستقل ڪرڻ بابت سفارش ڪندا، پهرئين مرحلي ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي استادن کي مستقل ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.