اداڪارا ناديا خان سائيبر ڪرائيم جو شڪار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا ۽ ٽي وي ميزبان ناديا خان سائيبر ڪرائيم جو شڪار ٿي وئي، يوٽيوب چينل بحال ڪندڙ آئي ٽي ماهر سموري ڪمائي کڻي ويو، ايف آءِ اي شڪايت ڪرڻ تي جوابدار کي گرفتار ورتو.

ايڊيشنل ڊائريڪٽر سائيبر ڪرائيم عمران رياض ٻڌايو ته ناديا خان گذريل سال سيپٽمبر ۾ يوٽيوب چينل هيڪ ٿي ويو هو جنهن کي رڪور ڪرڻ لاءِ هن هڪ آءِ ٽي ماهر جون خدمتون حاصل ڪيون.

جوابدار حماد سميع چينل بحال ڪري ڇڏيو پر هوشياري سان يوٽيوب جي سيٽنگ مٽائي ۽ بينڪ اڪائونٽ سميت سموري ڄاڻ تبديل ڪري ڇڏي ۽ ڪمائي پنهنجي بينڪ اڪائونٽ ۾ منتقل ڪرڻ لڳو.

ايڊيشنل ڊائريڪٽر سائيبر ڪرائيم چيو ته آءِ ٽي ايڪسپرٽ اداڪارا کي مالي نقصان پهچايو، ناديا خان کي ان بابت جيئن ئي خبر پئي ته هن شڪايت ڪئي جنهن تي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.