اوٻاوڙو لڳ مبينا مقابلو، رڪشا ڊرائيور هاف فراءِ، احتجاج

اوٻاوڙو ( رپورٽ : عبدالحئي ڇڄڻ  ) اوٻاوڙو لڳ ٻه ڏينهن اڳ گم ٿيل رانوتي جي رهواسي رڪشو هلائيندڙ پورهيت شمن علي مهر کي  رانوتي ايس ايڇ او پوليس مقابلو ڄاڻائي جروار ٿاڻي جي حد ۾ گوليون هڻي هاف فرائي ڪري ڇڏيو زخمي نوجوان جي وارثن فدا حسين مهر صدام مهر پوليس خلاف احتجاج ڪيو ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته ڪجھه ڏينهن کان رانوتي ٿاڻي جو ايس ايڇ او ايوب ڊوگر ۽ پوليس اهلڪار شاهنواز جلباڻي نوجوان کان پئسا طلب ڪري رهيا هئا نه ڏيڻ جي صورت ۾ نوجوان کي موتمار ڌمڪيون به ڏنيون ويون ٻه ڏينهن اڳ نوجوان معمول موجب رڪشي تي اوٻاوڙو طرف ڦٽيءِ کڻي وڃي رهيو هو ته رانوتي پوليس رستي مان کنڀي گم ڪري ڇڏيو ۽ پئسن جي گهر ڪئي پئسا نه ڏيڻ تان ايس ايڇ او ايوب ڊوگر پوليس اهلڪار شاهنواز جلباڻي گوليون هڻي اسان جي نوجوان کي ناحق هاف فراءِ ڪرائي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.