محرابپور ۾ بدامني، شهري غير محفوظ، پوليس کي ننڊ، احتجاج

محرابپور (ن ع آ ) محرابپور ۾ پوليس جي نااهلي سبب بدامني چورين ڌاڙن ڦرن تي ضابطو اچي نه سگهيو جنهن سبب شھر واسي مڪمل  غير محفوظ بڻجي ويا آھن، ان سلسلي ۾ محرابپور ۾ ٺري ميرواھ روڊ تي نامعلوم چورن رضوان بڙدي جي ويلڊنگ جي دڪان جا تالا توڙي دوڪان اندر پيل بجلي ۽ ويلڊنگ جو سامان ڊينامور ويلڊنگ مشين ٻه عدد موٽرون ۽ ٻيو قيمتي سامان چورائي باآساني سان فرار ٿي ويا، جڏهن ته نقصان جو ڪاٿو ٽي لک روپيا ٻڌائي وڃي ٿي اطلاع باوجود محرابپور پوليس بدستور غائب رهي ۽ واقعي واري هنڌ تي نه پهتي.  ٻئي پاسي دڪاندارن شھرين پاران شھر ۾ وڌنڌڙ ڏوهن ۽ پوليس جي نااهلي خلاف رضوان بڙدي وزير حيدر غلام شبير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٺري روڊ تي ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو ته محرابپور ۾ چورين ڦرن ۽ ڌاڙن جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن  اضافو ٿيندو پيو وڃي، پر پوليس انتظاميه جي ڪن تي جون به نٿي چري، ايس ايس پي نوشهرو ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.