لکي ويجهو اغوا ٿيل ڳوٺاڻو گهر پهچي ويو

لکي غلام شاھه (ن ع آ) 3 مهينا اڳ نوڪري ڏيڻ بهاني ڪنڌڪوٽ گهرائي اغوا ڪيل چڪ واسي مُغوي نوجوان نياز سيٺار 3 مهينن بعد ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ٿي گهر پهچي ويو آهي نوجوان جي بازيابيءَ جو اطلاع ملندي نوجوان جي گهر ۾ خوشيءَ جو ماحول ڇائنجي ويو جڏهن ته نوجوان جي بازيابيءَ بابت پوليس پاران گڏيل طور ڪاروائي ڪري مقابلي بعد نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جي دعوي ڪئي پئي وڃي. بااعتماد ذريعن واٽان مليل ڄاڻ موجب نوجوان کي ڀنگ ڀرڻ بعد ٽي ڏينهن اڳ ڪوٽ شاهو پوليس حوالي ڪيو ويو هو جتا کڻي کيس اڄ وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي تازو بازياب ٿيل چڪ واسي مغوي نياز سيٺار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته 3 مهينا اڳ دوکي سان نوڪري ڏيڻ بهاني ڪنڌڪوٽ گهرائي اغوا ڪيو ويو ڌاڙيل سخت تشدد ڪري وارثن کان ڀنگ گهرڻ لاءَ چوندا هئا غريب ٻڌائڻ باوجود مٿس سخت تشدد ڪيو ويو پر اڄ پوليس ڪارروائي ڪئي ته ڌاڙيل ڪچي واري علائقي ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا جتي فيضو پڪٽ پوليس کڻي آئي.

سجاول جوڻيجو ڀرسان نوجوان کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش

سجاول جوڻيجو ( ن ع آ ) سجاول جوڻيجو ڀرسان ڳوٺ غلام رسول ڪورائي واسي نوجوان پورھيت محمد ادريس ڪورائي ڀنڊ چوڪ کان  ڳوٺ پيادل وڃي رھيو ھيو تہ رات جو سامھون ايندڙ نامعلوم ڪار سوارن پاران ڪار روڪي سڏ ڪري زبردستي مبينا اغوا جي ڪوشش ڪئي وئي جنھن مزاحمت تي ھٿ ڇڏائي فرار ٿي ويو ، جنھن بعد ڳوٺ پھچي اطلاع ڏنو جنھن بعد سجاول جوڻيجو ٿاڻي تي اطلاع ڪيو ويو ، پوليس پھچي جاء واردات جو معائنو ڪيو ۽ تفصيل معلوم ڪيا ، ھوڏانھن ايس ايڇ او سجاول جوڻيجو رابطي تي ٻڌايو ته جاء وارڌات جو معائنو ڪيو ۽ تفصيل معلوم ڪيا پر ھن مصروف روڊ تان اغوا وارڌات جي ڪاروائي سمجھ ۾ اچي نه رھي آھي معاملو ھن جي ذاتي پراڻي دشمن تان ٿي سگهي ٿو وڌيڪ جاچ ڪريون ٿا ، ھوڏانھن اھڙي واقعي بعد ڀرپاسي اندر خوف حراس ڦھلجي ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.