پکي لڳ مبينا اغوا ٿيل عورت ۽ سندس پوٽي جي آزاديءَ لاءِ ا حتجاج

پکو(ن ع آ) پکو لڳ مبينا اغوا ڄاڻايل عورت جو پتو نه پيو وارثن ۾ مايوسي ڇانيل ان حوالي سان ڇھ ڏينھن اڳ ڳوٺ قادر بخش  مغيري واسڻ شادي شده عورت مسمات رضيا خاتون پنھنجي ابھم پوٽي بلاول مغيري سميت گھر کان دوا وٺڻ وئي ھُئي جيڪا لاپتا آھي جنھن تي وارثن اغوا جو شڪ ڄاڻائي وڳڻ ٿاڻي تي ڪيس درج ڪرايو آھي پر پوليس ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ڪا به اڳڀرائي ناھي ڪئي ان سلسلي ۾ عورت جي وارثن جو چوڻ آھي ته اسان کي شڪ آھي ته اسان جي عورت کي اغوا ڪيو ويو آھي جنھن جو گذريل ڇھن ڏينھن کان ڪو به ڏس پتو ناھي ۽ اھڙو ڪيس وڳڻ ٿاڻي تي درج ڪرايو آھي پر پوليس ھن وقت تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪيو ٻئي طرف عورت سان گڏ گم ٿيل معصوم بلاول مغيري جي امڙ مسمات ( س) چيو ته منهنجي سس مسمات رضيا خاتون پنهنجي پوٽي بلاول کي دوا لا۽ کڻي وئي ھئي جتان واپس ناھي ٿي ۽ منھنجو ننڍڙو کير پياڪ پُٽ پنجن مھينن جو آهي گذريل پنجن ڏينهن کان پريشان آھيان اولاد جي ڪري روئي روئي بيحال ٿي وئي آھيان پاڪ ڪتاب واسطي ننڍڙي معصوم  تي رحم کائي واپس ڪرايو وڃي آخر ۾ مغوي عورت جي وارثن آء جي سنڌ ـ ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ کان گُھر ڪئي ته نوٽيس وٺي معامري جي صاف شفاف انڪوائري  ڪرائي انصاف ڏيارين .

وڏا مهيسر لڳ جوابدار ڪهاڙيون هڻي 3 مينهون زخمي ڪري ڇڏيون

احمدپور (ن ع آ) احمدپور ويجهو وڏا مهيسر لڳ ڳوٺ بولو ميتلو ۾ مبينا وحشي  جوابدار پورهيت ساجن پٽ رانجهن ميتلو جي ٽن مينهن کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو ان سلسلي ۾ پورهيت صحافين کي ٻڌايو ته مينهون اوچتو گهران نڪري وڃي بخشيل پٽ ابراهيم ميتلو جي ڪرنگ جي ناڙ ۾ پيو ته وحشي جوابدار بخشيل ميتلو مينهن تي ڪهاڙين جا وار ڪري ڏنا جنهن سبب منهنجون ٽي مينهون سخت زخمي ٿي پيون آهن جڏهن ته وڏا مهيسر ٿاڻي تي جوابدار خلاف اين سي داخل ڪرائي وئي آهي پر پوليس گرفتاري لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.