مٺي لڳ ڪار ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، وڪيل فوت

اسلام ڪوٽ (ت ر) مٺي ڀرسان ڪار ۽ ٽرالر جو پاڻ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ اسلام ڪوٽ جي اڳوڻي چئرمين سيٺ نهالچند جو پٽ ۽ نالي  وارو شاعر،ليکڪ وڪيل 75 ورهين وڪيل  وشنداس پٻاڻي فوت ٿي ويو،جڏهن ته سندن پٽ اشوڪ،پوٽو مڪيش ۽ سندن ننهن سخت زخمي ٿي پيا،چيو وڃي ٿو ته وشنداس وڪيل ۽ گهر ڀاتي اسلام ڪوٽ ۾ سنت نيڻو جي ميلي ۾ شرڪت لاءِ اچي رهيا هئا ته مٺي ويجهو حادثو پيش آيو،جنهن سبب ڄاڻايل سمورا گهر ڀاتي سخت زخمي ٿي پيا هئا،جن کي فوري طور تي مٺي جي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو،جتي وشنداس وڪيل زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو،جنهن بعد سندس مڙھ حيدرآباد نيو ويو،جتي اگني سنسڪار ڪيو ويو،جڏهن ته آخري رسمن ۾ وڏي وزير جي مينارٽي بابت صلاحڪار وڪيل پونجو مل ڀيل سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،وشنداس وڪيل ڪيترائي ڪتاب لکيائين،جنهن ۾ ٿر جي تاريخي مهاڳن سميت رهندڙ ذاتين جو تفصيلي ذڪر ڪرڻ  سميت ٿر جي مشهور خاندانن ۽ شخصيتن بابت تفصيلي ذڪر ڪيو،وشنداس وڪيل پنهنجي  زندگي جو وڏو عرصو وڪالت ذريعي غريبن ۽ بي سهارن جي خدمت ۾ گذاريو،سندن خاندان جي سڃاڻپ ٿر توڙي سنڌ ۾  مهمان نواز طور مشهور آهي،تازو ڪجھ سال اڳ ڪاروبار جي سلسلي ۾ وشنداس وڪيل پنهنجي پٽ ۽ پوٽن سميت اسلام ڪوٽ کان لڏي حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي،رات اسلام ڪوٽ ايندي حادثي ۾ دهانت ڪري ويو،هوڏانهن وشنداس وڪيل جي فوت ٿيڻ جي سوڳ ۾ اسلام ڪوٽ شهر مڪمل طور تي بند ٿي ويو،تڏو حيدرآباد ۾ وڇايل هجڻ ڪري پونئرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.