ميڊيا کي جيترو وقت وزيراعظم ڏئي ٿو اڄ تائين ڪنهن ناهي ڏنو: فواد چوڌري

 

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان کي ميڊيا جي اهيمت جو ڀرپور احساس آهي ۽ هو ماڻهن جي راءِ واري طاقت کي سمجهندو آهي.

فواد چوڌري ڊجيٽل ميڊيا پروگرام واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ميڊيا ۾ جيترو وقت وزيراعظم ڏئي رهيو آهي اڄ تائين ايترو ڪنهن به ناهي ڏنو.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته نوجوان نسل جو مستقبل ڊجيٽل دنيا سان سلهاڙيل آهي، اسان 2018 ۾ ريفارمز جي شروعات ڪئي ۽ 2020 ۾ ڊجيٽل ميڊيا ونگ ٺاهي.

هن چيو ته اڳوڻي دورن ۾ رياستي ميڊيا کي پارٽي بيانن جي لاءِ استعمال ڪيو ويو.

سندس چوڻ هو ته اسان پاڪستان ٽيلي ويزن کي ايڇ ڊي ڪيو جڏهن ته ريڊيو پاڪستان جي ايپ هن وقت بهتري ايپ ۾ شامل ٿي چڪي آهي ۽ ريڊيو پاڪستان بهترين ڪم ڪري رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.